ٽوال کي ڪيترا ڏينهن استعمال ڪرڻ بعد ڌوئڻ گھرجي؟

ٽوال جو استعمال هر ماڻهو ڪندو آهي پر ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ان کي تبديل ڪرڻ گھرجي يا ڌوئڻ گھرجي؟
ڇا اوهان کي ياد آهي ته آخري ڀيو ٽوال کي ڪڏهن تبديل ڪيو ويو هو؟ هڪ سوال اهو به آهي ته ڇا هڪ ئي توال کي هر هر استعمال ڪرڻ سان صحت متاثر ته ناهي ٿيندي؟
ٽوال ۾ جراثيمن جو انگ تمام گھڻو هوندو آهي،خاص طور تي جيڪڏهن ان کي هڪ کان وڌيڪ ماڻهو استعمال ڪندا هجن.
ڏسڻ ۾ ٽوال صاف نظر ايندو آهي جنهن جي ڪري ان کي تبديل ڪرڻ يا ڌوئڻ جو خيال به گھٽ ايندو آهي.
اسان جي کَلَ تي ڪيترائي بيڪٽيريا، وائرس ۽ ٻيا جراثيم موجود هوندا اهن جيڪي کَلَ جي مختلف مرضن کان تحفظ فراهم ڪندا آهن.
پر جڏهن اسان ٽوال سان منهن يا جسم صاف ڪندا آهيون ته جراثيم ان ۾ منتقل ٿي ويندا آهن جنهن سان کل ۾ موجود گھم ۽ مئل جيوگھرڙا به ٽوال ۾ منتقل ٿي ويندا آهن.
اهي مئل جيوگھرڙا ۽ گھم کَل ۾ موجود جراثيمن جي خوراڪ جو ڪم ڪندي آهي ان سان جراثيم وڌندا آهن، پر اسان جو جسم انهن کي حد تائين محدود رکڻ لاءِ مختلف ايسڊ بڻائيندو آهي.
پر ٽوال ائين نٿا ڪري سگھن تنهنڪري ان ۾ وقت سان گڏ جراثيمن به وڌندا رهندا اهن.
جيڪڏهن اوهان سان گڏ ٻيو ڪو به ٽوال استعمال ڪندو آهي ته ان ۾ گھم،جراثيمن جو مقدار وڌيڪ تيزي سان وڌندو آهي.
جيتوڻيڪ ٽوال کي گھڻو ڪري باٿ روم جي اندر يا ان جي ويجهو لڙڪايو ويندو آهي جنهن جي ڪري به گھم ۽ جراثيمن جو انگ وڌندو آهي.
ڇا ان سان صحت متاثر ٿيندي آهي؟
هونئن ته ٽوال ۾ بيڪٽيريا ۽ وائرس جو انگ تمام گھڻو هجڻ سان صحت تي ناڪاري اثر پوڻ جو خطرو تمام گھڻو ناهي وڌندو.
پر هڪ ئي ٽوال ڌوئڻ کانسواءِ گھڻي عرصي تائين استعمال ڪرڻ سان وارن جي پاڙن جي مسئلن جو خطرو وڌندو آهي.
جيڪڏهن داغ داڻا نڪتل آهن ته پوءِ خطرو وڌيڪ هوندو آهي.
اهڙيءَ طرح کل جي مرضن جو شڪار ماڻهو هڪ ئي ٽوال گھڻو عرصو استعمال ڪندا آهن ته مختلف انفيڪشنز جو خطرو وڌندو آهي جڏهن ته ٻيا طبي مسئلا به ٿي سگھن ٿا.
جيئن مٿين بيان ڪيو ويو آهي ته مرضن جو خطرو تمام گھڻو ته ناهي هوندو پر امڪان ضرور هوندو آهي.
ٽوال کي ڪيترن ڏيهن کان پوءِ تبديل ڪرڻ گھرجي؟
ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪا تحقيق ته ناهي ٿي پر ماهرن جو مشورو آهي ته هر هفتي ٽوال کي تبديل ڪرڻ گھرجي.
خاص طور تي جيڪڏهن ٽوال مان بواءِ اچي رهي آهي ته ان کي فوري تبديل ڪرڻ گھرجي، ڇو جو اها بوءِ جراثيم وڌڻ جي نشاني به ٿي سگھي ٿي.
جنهن توال کي تبديل ڪريو، ان کان ڌوئڻ کان پوءِ مڪمل خسڪ ڪري ئي ٻيهر استعمال ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.