جنسي مسئلن ۽ بلڊ پريشر جو حَل، بي اولادي لاءِ بهترين فائدن وارو کِير!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اصولي طور تي ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه انسان کي جيڪي به صحت جا مسئلا ٿي رهيا آهن اهي گهڻي قدر غيرصحتمند طرز زندگي جي ڪري ٿين ٿا، جنهن جي ڪري هاءِ بلڊ پريسر، وزن ۾ واڌ، هارمونز جي خرابي ايترائي تائين جو ڪڏهن ڪڏهن بي اولادي جا مسئلن سان به عورتون توڙي مرد منهن ڏين ٿا ۽ اهو بس رڳو صرف ۽ صرف انهن جي طرز زندگي جي ڪري ٿئي ٿو.

انڪري سڀ کان اڳ ته سڀني کي گذارش ڪبي ته بهترين صحت جي لاءِ بهتر طرز زندگي جي چونڊ ڪيو.

ڇو ته سڀني مسئلن جو حل هڪ پاسي ته طرز زندگي مٽائڻ ئي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي وري سڄي زندگي دوائون کائو.

جيڪڏهن توهان پنهنجي صحت جو خيال نٿا ڪيو يا توهان کي ڪو به صحت جو مسئلو ٿي ٿو پوي ته اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي پڙهندڙن کي نقصان ڏيندڙ دوائن کان بچائي صحتمند طريقن، حڪيمي ٽوٽڪن، گهريلو شين جي فائدن، قدرتي علاج ۽ پيغمبرن، اوليائن ۽ امامن جي درس ذريعي اوهان کي صحت جو خيال رکڻ جي باري ۾ ٻڌايون.

انهن سڀني وٽ ڪجهه شين جو استعمال ايترو فائديمند هوندو آهي جو شايد ئي ڪنهن دوا ۾ به فائدو هجي، وڏي ڳالهه ته اسان جيڪي به ٽوٽڪا يا نسخا پنهنجي پڙهندڙن کي ٻڌائيندا آهيون انهن جا ڪي به سائيڊ افيڪٽ ناهن هوندا، اهڙي ئي ڪنهن نسخي جي باري ۾ اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.

اهو آهي انجير جي کير جو استعمال ڪرڻ.

انجير جو شمار خشڪ ميون ۾ ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ وٽامن اي، بي سي ۽ ڪي جو ججهو مقدار هجي ٿو انکانسواءِ انهن ۾ فائبر سان گڏوگڏ ڪيلشيم، ميگنيشيم، پوٽاشيم ۽ ڪاپر جو به تمام گهڻو مقدار اينٽي آڪسيڊنٽ شين سان گڏ موجود هوندو آهي، انجير کي کير سان گڏ استعمال ڪرڻ سان ان ۾ کير وارا فائدا به اچي ويندا آهن جنهن ۾ اهو ماڻهوءَ لاءِ ٻيڻ ٽيڻ واري فائدن وارو بڻجي ويندو آهي.

انجير جي کير کي استعمال ڪرڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟

ٻه کان ٽي انجير کير ۾ وجهو، انکي صحيح نموني اٻاريو ته جيئن انجير به کير ۾ پچي وڃن، پوءِ کير لاهي انکي ٿڌو ڪري پي ڇڏيو.

هاڻي اچون ٿا انجير ۽ کير جي فائدن جي پاسي ته ان کير جا فائدا ڪهڙا آهن.

اهو مرڪب هڪٻئي سان ملي اهڙي خاصيتن وارو بڻجي ويندو آهي جيڪي صحت جي ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ جو سبب بڻبيون آهن جن جي ڪري گهڻي قدر ماڻهو پريشان هوندا آهن.

هارمونز ۾ بي ترتيبي

اڄڪلهه جي دور ۾ سڀني ماڻهن جي جسم جا هارمونز بي ترتيبي جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري صحت کي ڪيترن ئي مسئلن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. مثال طور وزن ۾ واڌ، ماهواري ۾ بي قاعدگي، دل جي ڌڙڪي جو تيز ٿيڻ، بلڊ پريشر هاءِ ٿيڻ وغيره.

ڄاڻايل سڀني مسئلن جو حل رات جو سمهڻ وقت هڪ گلاس انجير وارو کير پيئڻ ۾ آهي. توهان هڪ ڀيرو اهو کير پي ڏسو توهان کي ان جا فائدا پنهنجو پاڻ ئي خبر پئجي ويندي.

ماهوري جا مسئلا

ماهواري جو بي قاعدگي سان ٿيڻ بي اولادي جو سبب بڻجي سگهي ٿو انکانسواءِ ماهواري ۾ رت جو گهٽ اچڻ، سُور وڌيڪ ۽ ٻيون تڪليفون ٿيڻ اهڙا مسئلا آهن جن سان هر عورت منهن ڏيندي آهي، انهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن جو رڳو هڪ ڀيرو انجير ۽ کير جو استعمال تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

بلڊ پريشر

انجير ۾ پوٽاشيم جي موجودگي بلڊپريشر جي لاءِ تمام فائديمند آهي ان سان گڏوگڏ ان ۾ فائبر جو هجڻ ڪوليسٽرول ليول کي به گهٽائيندو آهي جنهن جي ڪري بلڊ پريشر جي مريضن جي لاءِ ان جو استعمال تمام فائديمند ثابت ٿيندو آهي. کير سان گڏ انجير جو استعمال نه رڳو طاقت جو سبب بڻبو آهي پر بلڊ پريشر کي ضابطي ۾ رکڻ ۾ به وڏي مدد ملندي آهي.

اهو کير جنسي مسئلن جو شڪار ماڻهن جي لاءِ به تمام فائديمند آهي.

حمل نه رڪجڻ جا مسئلا

انجير ۽ کير جو شمار طاقتوار ترين شين ۾ ٿيندو آهي، جن زال مڙس لاءِ حمل جو نه بيهڻ مسئلو هجي انهن کي گهرجي ته ٻئي ڄڻا کير ۽ انجير جو استعمال ڪن، لڳاتار اهو کير پيئڻ سان جادوئي اثر ٿيندا آهن.

خوبصورتي ۽ صحتمند چمڙي

اهو انجير وارو کير نه رڳو صحت جي لاءِ پر خوبصورتي جي لاءِ به تمام فائديمند آهي، اينٽي آڪسيڊنٽ شين جي هجڻ جي ڪري وٽامنز ۽ منرلز جو ججهو مقدار انسان جي چمڙي تي به اثر انداز ٿيندو آهي جنهن جي ڪري چمڙي چمڪندڙ، خوبصورت ۽ قدرتي طور پرڪشش نظر ايندي آهي. چهري جي چمڙي نه رڳو صاف پر گلابي به نظر ايندي آهي.

هڏن جي طاقت

ان انجير ۽ کير پيئڻ سان هڏن کي به طاقت ملي ٿي، ڪيلشيم جو ججهو مقدار هجڻ جي ڪري وڏي عمر جي ماڻهن جا گوڏن، چيلهه ۽ ٻين جوڙن جا مسئلا حل ڪرڻ ان کير جي لاءِ ڪو وڏو مسئلو ناهن، هڏن جي ڪمزوري ۽ جوڙن ۾ ٿيندڙ سور مان ڇوٽڪار جي لاءِ توهان کي انجير ۽ کير جو استعمال ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.