جنرل فيض کان ”فيض ياب“ ٿيندڙ رڳو عمران هو؟ٻيا سياستدان آجا ڇو؟

اسلام آباد(ارشاد ڀٽي)جنرل فيض حميد کي 14 سال سخت قيد ، ايندڙ نمبر ڪنهن جو؟سپريم ڪورٽ جي حڪم تي  12 آگسٽ 2024 تي ٽاپ سٽي ڪيس جي انڪوائري شروع ٿي ته جنرل فيض حميد کي گرفتار ڪيو ويو۔ٽرائل 15 مهينا هليو۔گرفتاري کان هڪ ڏينهن پوءِ عمران خان اڊياله جيل مان بيان ڏنو ته هي سڄو  ڊرامو مون کي فوجي عدالت وٺي وڃڻ لاءِ آهي، فيض حميد کي منهنجي خلاف وعده معاف گواهه بڻايو پيو وڃي،مون کي خبر هئي ته فيض حميد کي هٽائڻ بعد منهنجي حڪومت خلاف سازشون شروع ٿينديون. پوءِ اهو به ياد رکو ته جنرل فيض حميد ۽ بشريٰ بي بي بابت مختلف ڪهاڻيون مشهور رهيون  ته گهڻن معاملن ۾ هو هڪ ٻئي سان معلومات  ونڊيندا هئا ۽ سڌو سنئون حڪم به ورتا ويندا هئا۔پوءِ اها به ڳالهه مشهور آهي ته موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير جڏهن  ڊي جي آءِ ايس آءِ هو  ته هن پنجاب ۽ بني گالا ڪرپشن جون فائلون عمران خان اڳيان رکيون، عمران خان ان وقت تعريف ڪئي، پر ٻئي ڏينهن ئي کيس هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو، ۽ صرف 6–7 مهينن ۾ هو هٽايا ويا۔بقول ڪيترا تجزيا نگار، اهو فارمولو هلڻ وارو هو ته 2028 تائين جنرل فيض حميد آرمي چيف ۽ عمران خان وزيراعظم رهندا  پر اهو نه ٿيو۔هن ۾ ڪيترائي ٻيا ماڻهو به شامل هئا  جيڪي اڃا تائين سزا کان بچي ويا آهن۔جنرل فيض حميد کان "فيض ياب” ٿيڻ وارا رڳو عمران خان ۽ پي ٽي آءِ وارا هئا؟نه۔حڪومتي اتحاد ۾ شامل مسلم ليگ نون،پيپلز پارٽي،مولانا فضل الرحمان،ايم ڪيو ايم اهي سڀ قدم قدم تي فيض ياب ٿيندا رهيا۔مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ ياد آهي؟نوازشريف جو لندن وڃڻ وارو واقعو؟رات مهل ڪنهن  ملاقاتون ڪيون؟مريم نواز جو ڇهه مهينا  ٽوئيٽر(ايڪس)اڪائونٽ خاموش رهيو؟ خواجا آصف جو بيان ياد هوندو ته 2019 ۾ اسٽيبلشمينٽ اسان سان رابطو ڪيو،اهي سڀ ڪير ڪندو هو؟جيڪڏهن انصاف واقعي برابر آهي ته پوءِعمران خان به سزا ماڻي،پر نواز شريف، شهباز شريف، زرداري، بلاول، مولانا، ۽ سڀ فيض ياب ٿيل ڇو بچن؟فوج پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ڇڏيو آهي۔پر” سول سياسي فيض ياب“ اڃا تائين آزاد آهن،جيستائين سڀني کي سزا نه ڏني وڃي  ڪيس نامڪمل، انصاف اڌورو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 12 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.