اشڪ آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جو نئون خطرو افغانستان کان اُڀري رهيو آهي، عالمي برادري افغان حڪومت تي ذميوارين جي ادائيگي لاءِ دٻاءُ وجهي.
ترڪمانستان جي شهر اشڪ آباد ۾ عالمي امن فورم کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته 2025ع کي امن جو بين القوامي سال قرار ڏيڻ سٺو سنئوڻ آهي.
هن چيو ته پاڪستان عالمي امن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، تڪرارن جو پرامن حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو ٿنب آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي حمايت سان غزا ۾ امن منصوبو منظور ٿيو، جنگبندي لاءِ سهڪار تي سعودي عرب، قطر، ترڪيه، گڏيل عرب امارتن، اردن ۽ ايران جا ٿورائتا آهيون، غزا ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري آهن، سلامتي ڪائونسل جو ٺهراءَ 2788 پاڪستان جي ويزن جي تائيد ڪري ٿو ۽ وچ اوڀر ۾ ڊگهي مدي واري جنگبندي ۽ انساني بنيادن تي امداد ضروري آهي.
وزيراعظم چيو ته پائيدار امن ۽ پائيدار ترقي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، ترقي يافتا ٽيڪنالوجيز تائين منصفاڻي پهچ اڻٽر آهي، مالي شموليت ۽ عورتن کي معيشت ۾ شامل ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي.
شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جو نئون خطرو افغانستان کان اُڀري رهيو آهي، عالمي برادري افغان حڪومت تي ذميوارين جي ادائيگي لاءِ زور وجهي.
هن چيو ته پاڪستان جو صاف ۽ سرسبز ترقياتي ماڊل عالمي مثال آهي، موسمياتي تبديلي ۽ اڻبرابري ترقي پذير ملڪن جا وڏا چئلينج آهن، موسمياتي تبديلين سبب ڪيترن ملڪن کي خطرا درپيش آهن، فورم کي عملي قدمن ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي، دنيا کي ٻُڙي جمع واري سوچ مان نڪري گڏيل سهڪار اختيار ڪرڻو پوندو ۽ رڳو واپار نه پر انسانن ۽ خيالن کي ڳنڍيندڙ پُل ٺاهڻ به ضروري آهي.
دهشتگردي جو نئون خطرو افغانستان مان اُڀري رهيو آهي، عالمي برداري طالبان تي دٻاءُ وجهي: وزيراعظم
You might also like