سلمان خان جا ذاتي زندگي بابت دلچسپ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دبنگ اسٽار سلمان خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن گذريل 25 سالن کان گهر کان ٻاهر رات ماني ناهي کاڌي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سعودي عرب جي شهر جدي ۾ ٻه ڏينهن اڳ ريڊ سي فيسٽيول دوران ڳالهائيندي سلمان خان چيو ته سندس سڄي حياتي رڳو ڪم ۽ سفر تي کتل آهي.
سندس چوڻ هو ته 25 کان 26 سال ٿي ويا آهن، مان ڪڏهن به ٻاهر رات جي ماني ناهي کاڌي، گهر کان شوٽنگ، شوٽنگ کان واپس گهر، گهر کان ايئرپورٽ، ايئرپورٽ کان هوٽل، هوٽل کان جدي ۽ پوءِ وري پنهنجي شوٽنگ تي هليو ويندس، بس اها ئي منهنجي زندگي آهي.
سلمان خان چيو ته سندس زندگي جو وڏو حصو پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن جي وچ ۾ گذريو آهي، انهن دوستن مان به کوڙ دنيا ڇڏي ويا، هاڻي چار، پنج پراڻا دوست بچيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته مونکي هن طرزِ زندگي تي ڪو اعتراض ناهي، انسان يا سير سفر ڪرڻ جا خواهشمند هوندا آهن يا وري ماڻهن طرفان ملندڙ پيار ۽ عزت چاهيندو آهي، مان ان لاءِ ايڏي محنت ڪري رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.