پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 16 ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ في ليٽر 11 رپيا 85 پئسا لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پيٽروليم شين جي اگهن ۾لاٿ لاءِ شروعاتي ورڪنگ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن موجب پيٽرول 36 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل 11 رپيا 85 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ في ليٽر گاسليٽ جي اگهه ۾ 11 رپيا 70 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 10 رپيا 1 پئسا تائين لاٿ ممڪن آهي.
تجويز ڪيل لاٿ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 263 رپيا 9 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 267 رپيا 80 پئسا في ليٽر هوندي.
اوگرا 15 ڊسمبر تي پيٽروليم شين جي اگهن بابت ورڪنگ موڪليندو ۽ وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ پيٽروليم ڊويزن نون اگهن جو اعلان ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.