بجلي اگهن ۾ واڌ، سراسري ٽيرف 4 رپيا 96 پئسا مقرر

اسلام آباد(م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري  اٿارٽي (نيپرا) هائيڊرو پاور جي پيداواري قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا موجب هائيڊرو پاور جو سراسري پيداواري ٽيرف 3 رپيا 85 پئسا في يونٽ مان وڌائي 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ ڪيو ويو آهي. نيپرا واپڊا جي درخواست تي 23-2022 لاءِ ٽيرف ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ٽيرف وڌائڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو. ان کان علاوه نيپرا واپڊا جي پن بجلي گهرن جي گنجائش جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ نيپرا سي پي پي اي کي ٽيسٽ ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. نيپرا موجب سمورن هائيڊرو پاور اسٽيشنن جي ظرفيت جي جاچ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته واپڊا پاڻي جي ماپ لاءِ واٽر فلو ميٽرز لڳائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.