حيدرآباد/ ٽنڊو محمد خان (نمائندن وٽان) سنڌ جي پاڻي جي چوري ۽ ڊيمن جي ڀرپور مخالفت ڪندڙ، ناميارو زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪندڙ آبادگار اڳواڻ عبدالمجيد نظاماڻي 88 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، عبدالمجيد نظاماڻي ڪجهه عرصي کان بيمار هو، کيس ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو هو، هن پنهنجي ڳوٺ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪريو، عبدالمجيد نظاماڻي سنڌ آبادگار بورڊ جي باني ميمبرن مان هو ۽ هو اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر سيد علي مير شاهه جو ويجهو ساٿي رهيو، عبدالمجيد نظاماڻي ٽنڊي محمد خان ڀرسان ڳوٺ باقر خان نظاماڻي ۾ جنم ورتو ۽ شروعاتي تعليم پنهنجي علائقي مان حاصل ڪرڻ بعد هن ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي، کيس سنڌ ۾ پاڻي ۽ زراعت جي معاملن جو ماهر تصور ڪيو ويندو هو ۽ وڏن فورمن تي هن انگن اکرن سان ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري ان کي سنڌ ۽ ملڪ جي زراعت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندي ان جي اڏاوت کي روڪائڻ ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو، هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي صدر (مرحوم) پرويز مشرف ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان به مختلف فورمز تي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ سنڌ جو دليلن سان ڪيس پيش ڪيو، مرحوم عبدالمجيد نظاماڻي جي جنازي نماز ٽنڊي محمد خان ڀرسان ڳوٺ باقر خان نظاماڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي جي معززين ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.