ساگر ڪمار اغوا معاملي تي هندو پنچائت جي آءِ جي سنڌ سان ملاقات

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان هندو نينگر ساگر ڪمار جي اغوا واري معاملي تي آءِ جي سنڌ سان هندو پنچائت جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي، وفد جي قيادت هندو برادري ڪشمور ضلعي جي  چيف مکي سريش ڪري رهيو هو، بيان ۾ چيو ويو آهي ته وفد آءِ جي سنڌ کي ڪشمور امان جي صورتحال بابت آگاھ ڪيو، ملاقات دوران آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ سان ٽيليفون رابطو ڪري مغوي ساگر ڪمار جي آزادي جي حوالي سان ڪيل قدمن بابت آگاهي ورتي ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کي مغوي ساگر کي فوري طور تي آزاد ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون، آءِ جي سنڌ چيو ته هندو برادري سان تعلق رکندڙ 3 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، اڳتي ھر مھيني ڪشمور سميت سڀني ضلعن جو دورو ڪندس، ان موقعي تي ڪشمور جي هندو ڪميونٽي جي مکي آءِ جي سنڌ ملاقات دوران چيو ته اسان جا ٻيا ماڻھو به اغوا ٿيا هئا جيڪي بازياب ٿي چڪا آهن ساگر ڪمار لاپتا آهي جنهن جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ يقين ڌياني ڪرائي وئي، آءِ جي سنڌ سان ملاقات تسلي بخش رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.