ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي ناڻي، روينيو ۽ منصوبا بندي ۽ ترقي کاتن واري نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاڳا کي ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ جي آفيسرن سندس آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ته ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب ٽرانسپورٽ جي مطابق ڪراچي جي گڏيل ٽرانسپورٽ نظام لاءِ گڏيل طور تي ڪل 15 هزار بسن جي ضرورت آهن جڏهن ته هن وقت شهر جي روڊن تي صرف 1029 بسون فعال آهن جن ۾ پيپلز بس سروس جي 240 بسون، بي آر ٽي جون 100 بسون ۽ خانگي شعبي جي تحت هلڻ واريون 689 پراڻيون بسون شامل آهن، جڏهن ته صوبي جي لاءِ 500 وڌيڪ بسن جي خريداري لاءِ روٽ فزيبلٽي تي ڪم جاري آهي ٻڌايو ويو ته ورلڊ بينڪ جي هن رپورٽ جي روشني ۾ هن وقت ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي لڳ ڀڳ 13 هزار وڌيڪ بسن جي ضرورت آهي، بريفنگ دوران نگران صوبائي وزير ناڻي، روينيو ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ محمد يونس ڍاگا هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن تحت خانگي شعبي کي اڳتي آندو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪور فائيو اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي اپيل رد، سزا برقرار
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪور فائيو جي اهلڪار جي قتل جي ڏوهه ۾ سزاکائيندڙ جوابدار عمران جي اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت جوابدار جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمرقيد جي سزا ڏني هئي .24آگسٽ 2016ع جو اهڪار امجد لڪي اسٽار تي ڊيوٽي ڏئي رهيو هو ته رڪشي ۾ مسافرن کان ڦرلث دوران هن مداخل ڪئي ته جوابدار جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو، پوليس 26آگسٽ تي جوابدار عمران ۽ ڪامران کي گرفتارڪري آرٽلري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو.
ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تي ٿيندي
لاهور(م ڊ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ عسڪري ٽاور ڀڇ ڊاهه سميت ٽن ڪيسن ۾ گرفتار پنجاب جي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تي ٿيندي، خاص عدالت جي ايڊمن جج ابهر گل خان درخواست گذار ڊاڪٽر ياسمين راشد جي آزادي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي، خاص عدالت ڌرين جي وڪيلن کي دليلن لاءِ طلب ڪيو آهي، ڊاڪٽر ياسمين راشد هن وقت جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي، ان جي خلاف 2 ڪيس داخل آهن