اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ جڙانوالا ۾ چرچ ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، بينچ ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن، 18 آگسٽ تي اقليتي اڳواڻ سموئيل پياري جڙانوالا واقعي تي پاڻمرادو نوٽيس لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ الڳ الڳ درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي ته هو جڙانوالا واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ چيو ويو آهي ته 16 آگسٽ تي جڙانوالا ۾ چرچ کي باهه ڏني وئي هئي، جنهن ۾ مذهبي دستاويزن سميت ٻين شين کي به ساڙيو ويو هو.
پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 13 ارب 12 ڪروڙ 67 لک ڊالر ٿي ويا
اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا گذريل هفتي 70 ملين ڊالرن جي قرضن جي ادائگيءَ کان پوءِ 13 ارب 1212
ڪروڙ 67 لک ڊالر ٿي ويا آهن، اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پهرين سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ موجود مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 7 ارب 77 ڪروڙ 93 لک ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ موجود مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5 ارب 34 ڪروڙ 74 لک ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو،
ڪراچي، پرائيويٽ زمين تي اڏاوت خلاف ڪيس، ڌرين کان جواب طلب
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ فيڊرل بي ايريا ۾ پرائيويٽ زمين تي غيرقانوني اڏاوت جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت بلڊر ۽ ايس بي سي اي ۽ ڪي ايم سي کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار چيو ته هڪ بااثر ماڻهو پلاٽ تي قبضو ڪري اڏاوت ڪري رهيو آهي، جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته ڪهڙي اداري ڪارروائي ڪئي آهي، درخواستگذار چيو ته مختلف ادارن کي درخواست ڏني پر ڪنهن به ڪارروائي ناهي ڪئي.