ڊالر سستو، آءِ ايم ايف شرط تي ڪرنسي اگهه ۾ فرق هڪ سيڪڙو کان به گهٽجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 304 رپين 94 پئسن تي بند ٿيو، گذريل ڏينهن آمريڪي ڊالر 306 رپين 98 پئسن تي بند ٿيو هو، آمريڪي ڊالر  ٻه رپيا 4 پئسا سستو ٿيو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به آمريڪي ڊالر 5 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي کانپوءِ 307 رپين جو ٿي ويو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 5 رپيا 307 پئسا گهٽتائي کانپوءِ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا 4 پئسا سستو  ٿيڻ بعد 304 رپيا 94 پئسا ٿي ويو آهي.عالمي مالياتي فنڊ (IMF) جي شرطن تي اوپن مارڪيٽ ۽ انٽر بئنڪ فارن ايڪسچينج ريٽ جي وچ ۾ فرق 0.7 سيڪڙو جي برابر آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ يورو 3 رپيا گهٽجي 332 رپيا ٿي ويو، گذريل ڪجهه ڏينهن جي بلند ترين سطح کان 23 رپيا گهٽجي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ پائونڊ 9 رپيا گهٽجي 388 رپيا ٿي ويو ۽ پائونڊ 30 رپيا مهانگو ٿي ويو. سعودي ريال 1.50 رپيا گهٽجي 81.80 رپيا ٿي ويو، سعودي ريال 7.20 رپيا گهٽجي ويو جڏهن ته يو اي اي درهم جي قيمت 86.80 رپيا تي غير تبديل ٿي وئي ۽ درهم گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي بلند ترين سطح کان 3.20 رپيا گهٽجي ويو. ملڪ ۾ سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو.  ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل 3 ڏينهن وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سون 5800 رپياسستو ٿيو آهي، جنهن بعد في تولو سون 2 لک 16 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون جو اگهه 4 هزار 972 رپيا گهٽتائي سان 1 لک 85 هزار 614 رپيا ٿي ويو آهي. ياد رهي ته مسلسل واڌ کانپوءِ گذريل 3 ڏينهن دوران سون جي قيمت ۾ 22 هزار 600 رپيا گهٽتائي آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.