کنڊ اگهه ۾ لاٿ، خرچ گهٽجڻ باوجود مناسب سستائي نه ٿي

ڪراچي (رپورٽر)  ڪراچي ۾ کنڊ جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن ڪراچي جي ٿوڪ مارڪيٽ جوڙيا بازار ۾ في 50 ڪلوگرام کنڊ جي  قيمت 8750 رپين مان گهٽجي 8600 رپيا ٿي وئي آهي جنهن سان في ڪلوگرام کنڊ جي قيمت 3 رپيا لاٿ سان 172 رپين تي وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته کنڊ جي ايڪس مل قيمت به   ٽرانسپورٽ لاڳت گهٽجي 170 رپيا ورتي پئي وڃي پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هول سيل سطح تي في ڪلوگرام کنڊ 180 کان 190 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي جنهن جي قيمت به گهٽجڻ جو امڪان آهي جوڙيا بازار ۾ کنڊ جي هڪ هول سيلر شفقت محمود ٻڌايو ته مهانگائي ۾ ڪنٽرول جا قدم ۽ معيشت سڌارن لاءِ ميدان ۾ اچڻ سان کنڊ جي اگهن ۾ لاٿ جو رجحان پيدا ٿي ويو آهي هن ٻڌايو ته گذريل ڪجهه هفتن کان کنڊ اگهن ۾ روزاني بنيادن تي واڌ جي ڪري ان جي وڪري ۾ به گهٽتائي ٿي وئي آهي تنهنڪري هي سبب به کنڊ اگهن ۾ لاٿ جو مکيه سبب آهن هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته چند مهينا اڳ 90 کان 100 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿيندڙ کنڊ جي قيمت ٻيڻي ٿي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.