ڪراچي (رپورٽر) اسپيشل جج صوبائي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ڪوئيٽا ٽائون سوسائٽي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪوئيٽا ٽائون جي اڳوڻن ايڊمنسٽريٽرن سميت 5 جوابدارن کي 5 ، 5 سال ٽيپ ۽ 80، 80 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت ڪوئيٽا ٽائون سوسائٽي سپر ھاءِ وي تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر محمد افضل، حنيف اتيرو، الطاف ميمڻ، اختر پٺاڻ، محمد اعظم، عثمان ۽ ٻين جوابدار کي سزا ٻڏائي، عدالت ٻن جوابدارن شھزاد ۽ ظفر الله کي بري ڪري ڇڏيو، عدالت کي جاچ آفيسر شعيب سومرو ٻڌايو ته جوابدارن ڪوئيٽا ٽائون سوسائٽي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري سوسائٽي جي فلائي پلاٽن کي غيرقانوني وڪرو ڪري فنڊن ۾ خرد برد ڪري ڪروڙين رپين جو نقصان رسايو، جوابدارن تي 2015 ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي پاران 5 الڳ الڳ ڪيس داخل ٿيل آهن، سزا ملڻ کانپوءِ اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالتي حڪمن تي جيل اماڻي ڇڏيو.