پيپلز پارٽي واعدي کان نه ڦري ها ته چونڊون ٿي وڃن ها: فضل الرحمان

لاهور(م ڊ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي واعدي تان نه ڦري ها ته چونڊون ٿي  چڪيون هجن ها.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي آخري وقت ۾ آئي ۽ فيصلي کان پوئتي هٽي وئي، بي اعتمادي رٿ  ۾ آڻڻ تي زور ڏنو ويو. ايم ڪيو ايم ۽ اختر مينگل سميت ٻين اتفاق راءِ سان فوري چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، پيپلز پارٽي آخري ڀيرو بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ تي زور ڏنو هو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ چونڊون فيبروري جي آخر تائين ٿينديون، قبائلي علائقن ۾ چونڊ مهم هلائڻ مشڪل آهي. جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه چيو ته جمهوري ملڪن ۾ نگران حڪومتن جو تصور ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي آڻڻ وارن اعتراف ڪيو ته سندن ايجنڊا ڪجهه ٻي هئي، پي ٽي آءِ ملڪ کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ آندو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.