ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر 2 ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ مارجي ويا، زمان ٽائون پوليس موجب ڪورنگي نمبر 2 ۾ واقع پرنس بڪ اسٽال اندر فائرنگ جو واقعو پيش آيو، نتيجي ۾ 70 ورهين جو محمد حسين ۽ 37 ورهين جو پٽ اسد حسين سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو فوت ٿي ويا اکين ڏٺن شاهد فهد جو چوڻ هو ته 3 ڦورو دوڪان تي آيا، جن مان 2 اندر داخل ٿيا ۽ هڪ ٻاهر بيٺو رهيو، جڏهن هنن پيتي پئسن جي پيتي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته محمد ڀائي مزاحمت ڪئي، جڏهن ته اسد ڀائي به اڳتي وڌيو ته ڦورن ابا (محمد حسين) تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ پيءُ پٽ قتل ٿي ويا، واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويا جنهن ۾ ڦورن کي گوليون هلائيندي فائرنگ ڪندي ۽ پيءُ پٽ کي مزاحمت ڪندي ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، واقعي کانپوءِ علائقي واسي احتجاج رڪارڊ ڪرايو روڊن تي نڪري آيا ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوليس کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.