غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاھي) غوثپور شھر جي مسجد پاڙي مان گذريل ڏينھن مبينا گم ڄاڻايل نوجوان نديم ملڪ جي اغوا جي تصديق ٿي وئي، ڌاڙيلن مغوي نديم ملڪ جي وارثن کي موبائل فون وسيلي ڪال ڪري لکين رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي، اھڙي تصديق نوجوان جي وارثن پاران ڪئي وئي، مغوي جي وارثن رابطو ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان گذريل ڏينھن شھر جي جامع مسجد پاڙي مان اغوا ٿي ويو ھو، ڌاڙيلن پاران موبائل فون وسيلي نوجوان جي آزادي لاءِ لکين رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، ھنن ٻڌايو ته اھڙو اطلاع غوثپور ٿاڻي تي ڪيو آھي پر هن وقت تائين مغوي جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو، متاثرن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بنا ڪنهن دير جي نوجوان کي آزاد ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي.