اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو ته نواز شريف مان دوست ملڪ خوش آهن، عالمي قوتون ۽ دنيا جا ڪجهه ملڪ پي ٽي آءِ ليڊر جي حمايت ۾ سامهون اچي رهيا آهن.
گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ميان جاويد لطيف چيو ته ڪجهه هفتن کان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي هڪ نئين لهر نظر اچي رهي آهي، دشمن تڏهن وار ڪندو آهي جڏهن رياست ان کي ڪمزور نظر ايندي آهي دشمن ملڪ جي معيشت جي صورتحال کي ڏسي ڪري ڪاروائيون ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان کي گومگو جي ڪيفيت مان ڪڍڻو آهي ته ان کي حقيقت کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان اتي ڪئين پهتو 75 سالن کان ملڪ ۾ تجرباڪيا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف پاڪستان ۾ امن قائم ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ سي پيڪ جو منصوبو شروع ڪيو اها ڳالهه درست آهي ته پاڪستان کي ائٽمي قوت بنائڻ تي ڪجهه قوتون ناراض آهن.
هن چيو ته 9 مئي جا واقعا مدهم ٿي رهيا آهن عالمي قوتون پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهن، اهي مالياتي ادارا جن جو ڪو به حق نٿو بڻجي اهي اسان جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ادارن تي حملا ڪري عالمي عدالتن ۾ وڃڻ جا منصوبا بڻايا پيا وڃن مهانگائي جو نوٽس وٺڻ کپي،