وڪيل عام چونڊن جي اوٽ ۾ بار چونڊن جي مهم پيا هلائين !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جون چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿيڻيون آهن، ان ڪري ملڪ ۾ 90  ڏينهن اندر عام چونڊن جي مهم هلائي رهيا آهن.

نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ  آهي ته پاڪستان بار 9 سيپٽمبر تي عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي سندن  مطالبو آهي ته 9 ڏينهن اندر ملڪ ۾ عام  چونڊون ڪرايون وڃن.

ساڳي مطالبي تي سپريم ڪورٽ بار 14 سيپٽمبر تي عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، الڳ الڳ ڪنوينشن به ڪوٺايا ويا آهن.

وڪيلن جي انهن سرگرمين مان محسوس ٿي رهيو آهي ته اصل ۾ وڪيل عام چونڊن جي اوٽ ۾ بار چونڊن جي مهم هلائي رهيا آهن.

ياد رهي ته وڪيلن 90 ڏينهن  ۾ چونڊن ڪرائڻ لاءِ تحريڪ جو اعلان نه ڪيو آهي. صرف عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.