اول معاشي بحالي پوءِ چونڊون، اسٽيبلشمينٽ جو فيصلو!

لاهور (عوامي آواز نيوز) اول معاشي بحالي پوءِ چونڊون ٿينديون، اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو  چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٽين منزل تي 24 ڪلاڪ  وڏيون سرگرميون هلي رهيون هيون، چونڊون ڪرائڻ لاءِ روزانو اجلاس ٿي رهيا هئا.

چئني صوبائي ڪمشنرن کان روزاني بنياد تي  رپورٽ ورتي پئي وئي، چونڊ نتيجا ترت ڏيڻ لاءِ آءِ ٽي جي ٺاهيل نئين سافٽ ويئر تي تجربا ڪيا پئي ويا پر اوچتو ٽين منزل کي تالا  لڳي ويا آهن ۽ سرگرميون ختم ٿي ويون آهن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن چونڊ جي تاريخ ۽ شيڊول جو اعلان ڪرڻ بابت تياري ڪري رهي  هئي پر شايد اليڪشن ڪميشن کي پيغام  ملي ويو آهي ته هن مهيني چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو وڃي.

ايندڙ مهيني چونڊن جو شيڊول پڌرو ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو. ان جو مطلب اهو نظر اچي رهيو آهي ته اسٽيبلشمنيٽ فيصلو ڪري ورتو آهي ته اول ملڪي معيشت کي بهتر ڪيو وڃي، ان بعد چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو مطلب ته ايندڙ  6 مهينن تائين چونڊن جو ڪوبه امڪان نه آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 8 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.