برطانيا مان آيل 190 ملين پائونڊ ڏيڻ عيوض القادر يونيورسٽي لاءِ زمين گهري وئي: ملڪ رياض

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض  پرڏيهه مان نيب ۾ واعده معاف شاهد طور ابتدائي بيان رڪارڊ ڪرايو آهي جيڪو اڃان تائين منظر تي نه آيو آهي.

نامياري راجا عاطف ذوالفقار پنهنجي وي لاگ ۾ ذريعن جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ رياض اعتراف ڪيو آهي ته عمران خان دور ۾ برطانيا مان آيل 190 ملين پائونڊ بلڪل  ڏنا ويا، ان جي بدلي ۾ القادر يونيورسٽي  لاءِ زمين گهري وئي اها ڏني ته گهر ڪئي وئي ته عمارت به ٺهرائي ڏيو.

ملڪ رياض جو چوڻ آهي ته عمارت ٺهرائي ڏني ته  چيو ويو ته ايندڙ  ٽن سالن تائين يونيورسٽي جي ملازمن جي پگهارن سميت  سمورا خرچ به ڏيو ۽ رقم القادر ٽرسٽ جي اڪائونٽ بدران  عمران خان  ۽ بشريٰ  بي بي جي ذاتي اڪائونٽن ۾ ٽرانسفر  ڪندا رهو.

  آءُ  اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور رهيس ڇو ته منهنجا  قانوني طور  جائز منصوبا به رولڙي جو شڪار هئا. ملڪ رياض بيان ۾ فرح گوگي تي به سنگين ڪرپشن جا الزام  مڙهيا آهن، ملڪ رياض جي بيان جا وڌيڪ تفصيل  به  ملڻ شرط پڌرا ڪيا ويندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 8 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.