اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. اسلام آباد پوليس پرويز الاهي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڊيوٽي جج شاهه رخ ارجمند جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ٻڌڻي دوران پوليس پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. ٻڌڻي دوران پرويز الاهي جي وڪيل سردار عبدالرزاق چيو ته پوليس جي جسماني رمانڊ جي استدعا ۾ جاچ جو ڪو به ذڪر ناهي، پرويز الاهي خلاف پڇاڳاڇا ڪرڻ لاءِ پوليس وٽ ڪجهه ڪونهي. صفائي واري وڪيل چيو ته صورتحال اهڙي آهي جو سڀاڻي وڪيل هڪٻئي جون ضمانتون ڪرائيندا وتندا. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته چوڌري شجاعت حسين پاڻ کيس پي ٽي آءِ ۾ موڪليو. پرويز الاهي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرويز الاهي کان پڇيو ويو ته اوهان ق ليگ ۾ واپس ڇو نٿا وڃو؟ جنهن تي پرويز الاهي جواب ڏنو ته مون کي شجاعت حسين پاڻ پي ٽي آءِ ۾ موڪليو هو. جنهن بعد پرويز الاهي کان پڇيو ويو ته شجاعت حسين پاڻ پي ٽي آءِ ۾ ڇو نٿو اچي؟جنهن تي پرويز الاهي چيو ته شجاعت حسين سالڪ حسين جي ڪري پي ٽي آءِ ۾ نٿو اچي ڇو ته سالڪ حسين کي وزير ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو.