اسلام آباد( م ڊ) اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڏاڍو سو گابو آهي، چونڊون ڪنٽرولڊ ٿينديون. حامد مير جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته 16 مهينن ۾ پي ڊي ايم حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. ان نفرت سبب پي ٽي آءِ جو ووٽ بئنڪ وڌي ٿو. باقي پي ٽي آءِ ڪهڙون نوڪريون ڏنيون. هن چيو ته اوهان فوج کي گهٽ وڌ ڳالهايو. ڊالر کي گهٽ ڪرائڻ ۾ به آرمي چيف جو ڪردار آهي. پي ٽي آءِ کي به مٿي ڪرڻ ۾ فوج جو ڪردار هو، ميڊيا کي چيو ويو ته خالي ڪرسين کي به ماڻهو ڏيکاريو. هن چيو ته جنوري ۾ شايد چونڊون ٿين. ڀلي چونڊ ڪريو پر پي ڊي ايم ۽ ٻين جا گندا انڊا ڪڍي ڇڏيو. مشرف تڏهن نقصان ۾ ويو جڏهن هن 18 ڪرپٽ ليڊرن کي شامل ڪيو. مشرف دور ۾ ترقي ٿي، 18 ڪرپٽ ليڊر گڏائڻ کان پوءِ نقصان ٿيو. ڪرپٽ ٽولي کان جان ڇڏايو، پاڪستان ۾ سون ڦٽندو، مشرف دور ۾ ملڪ اندر سون ڦٽي رهيو هو. جسٽس قاضي فائز عيسي اميد وارو ڪم ڪندو . وڪيل شعيب شاهين چيو ته ملڪ جي تباهي جو سبب اها اشرافيا آهي . اشرافيا ساليانو 18 ارب رپيا کڻي ٿي، پي ڊي ايم کي ڪنهن آندو. ملڪ کي سڌارڻو آهي ته سڌي مارشل لا يا اڻ سڌي طرح مارشل لا کي ختم ڪيو. پاڪستان 1979ع ۾ اسان جنگي حالتن ۽ جنگي پراڪسي ۾ آهيون، هڪ فون تي ليٽي پئون ٿا، اسان اقتصادي طور ڪمزور آهيون، اسان اڳ ۾ هر ڪنهن جي ضرورت هئاسين پر اسان کي ڪير گاهه به نه ٿو وجهي.اسان وٽ ذخيرا به اڌارا آهن، فيصل واوڊا جنهن مشرف جي ساراهه ڪري ٿي. پاڪستان مشرف دور ۾ زراعت کي پوئتي وجهي ڇڏيو.