فاطمه، زينب، رضوانه لاءِ انصاف جا مطالبا اڌورا بڻيل آهن: امبر رحيم شمسي

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ).يو اين ايف پي اي جي نمائندي ڊاڪٽر لوئي شبنين چيو آهي ته سياستدان پنهنجون نظرون اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي  رکندا آهن. تنهنڪري صحافي پنهنجو ڪردار ادا  ڪرڻ لاءِ  اهميت رکن ٿا. هن چيو ته اوهان جو مشن پاڪستان جي مستقبل لاءِ اهم، اثرائتو ۽ متاثر ڪندڙ آهي "جنسي بنيادن تي تشدد، ٻارن جي شادي ۽ ٻيون نقصانڪار روايتون صرف عورتن جا مسئلا نه آهن، اهي سڀ کان وڌيڪ سماج جا مسئلا آهن، هن اها ڳالهه ٻئي نيشنل ميڊيا فيلوشپ (NMF) صنفي بنيادن تي تشدد (GBV) ۽ ٻارن جي شادين جي اهم مسئلن جي حوالي سان آئي بي اي يونورسٽي جي هال منعقد هڪ تقريب ۾  چئي. نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين ( اين سي ايس ڊبليو ) جي چيئرپرسن نيلو بختيار چيو ته  پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو شادي شده عورتون پنهنجي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو تشدد جو شڪار ٿيون آهن، هن چيو ته هن فيلو شپ تحت ملڪ جي مختلف حصن مان آيل صحافي ساٿي هڪ ٻئي سان  ڳالهه ٻولهه ڪندا ۽ سکندا ۽ هي پهريون ڀيرو آهي ته حڪومت اهڙي تربيت شروع ڪئي آهي. آئي بي اي، سي اي جي، جي ڊائريڪٽر امبر رحيم شمسي چيو ته  فاطمه، زينب، رضوانه لاءِ اڃان تائين انصاف جا مطالبا اڌورا رهجي ويا آهن، اهڙا هزارين ڪيس ۽ ڪهاڻيون گمنامي جو شڪار ٿي ويون آهن، اهڙن بي زبان ۽ گونگن آکاڻين جي طاقت صحافي ٿي سگهن ٿا، ايس سي ايس ڊبليو جي چيئرپرسن نزهت شيرين چيو ته عورتن لاءِ دارالامان ۽ ٻيا ادارا اڌورا جوڙيل آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ  وارا سرڪاري ادار ۽ انهن جون آفيسون ئي موجود نه آهن، نه ئي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو ڪم ٿي سگهيو آهي ٻي طرف ان موقعي تي  انساني حقن واري وفاقي نگران وزير خليل جارج پنهنجي جاري بيان  اين سي ايس ڊبليو-يو اين ايف پي اي ۽ سي اي جي-آءِ بي اي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته  عورتن تي تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ۽ ٻارن جي شادي بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.