پوليس ۽ حڪمران ڌاڙيلن، سردارن جا سرپرست آھن: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ماھ نور  ملاح، مھراڻ سنڌي ۽ قادر ڀٽو ڪنڌڪوٽ ڌرڻي ۾ پوليس تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته پرامن احتجاج ھر شھري جو آئيني حق آھي. پوليس ۽ حڪومت ڪرمنل ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ بدران ڌاڙيلن ۽ سردارن جي سھولتڪار بنجي پرامن احتجاج ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي. ڌرڻي جي پرامن مظاھرين مٿان پوليس تشدد ظاھر ڪيو آھي ته پوليس ۽ حڪمران  قبائلي سردارن ڌاڙيلن ڪرمنل مافيا جا سرپرست آھن. روزانو معصوم ٻار اغوا پيا ٿين، پوليس ڪڏھن به ڌاڙيلن خلاف ڪو به فيصلائتو آپريشن ناھي ڪيو، اڄ جڏھن مغوين جا وارث ڀنگ ڀرڻ جي سگھه نه سمجھي مجبورن روڊن ۽ رستن تي نڪري آيا ته پوليس سندن پيارن کي بازياب ڪرڻ بدران انھن مجبور ۽ لاچار ماڻھن مٿان بي رحماڻو تشد ڪيو آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي سا گھٽ آھي. پوليس پرامن مظاھرين جا مطالبا تسليم ڪرڻ بدران مٿن لاٺي چارج ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي آھي. نااھل آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور_ ڪنڌڪوٽ کي گرفتار ڪري مٿن ڌاڙيلن جي سرپرستي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.