بشريٰ بي بي توشا خانه ڪيس ۾ اڄ نيب وٽ طلب

اسلام آباد( م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي کي اڄ طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب  نيب توشه خانه ڪيس ۾ بشريٰ بي بي کي طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي گڏيل جاچ ٽيم بشرا بي بي کان جاچ ڪندي. نيب بشرا بي بي کي 29 آگسٽ تي به طلب ڪيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي 29 آگسٽ تي پنهنجي مڙس سان ملاقات سبب جاچ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي ۽ سندس وڪيل نيب کي طلب ڪرڻ جي نئين تاريخ جي درخواست ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.