سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرپشن، ايڊمن سيشن جا ٽي آفيسر اينٽي ڪرپشن طلب

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر )سنڌ اسيمبلي جي ڪامورن ۾ تڪرار وڌي ويو. سينيئر اسپيشل سيڪريٽري پاران پنج ڪروڙ روپين جي  ڪرپشن جا ثبوت چيف سيڪريٽري حوالي ڪرڻ کان پوءِ چيف سيڪريٽري جي حڪم تي اينٽي ڪرپشن طرفان اسيمبلي جي ايڊمن سيشن جي ٽنهي آفيسرن کي اڄ خميس واري ڏينهن صبح جو 11 وڳي بيان لاءِ گهرائي ورتو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اعلي آفيسرن ۾ هلندڙ اختلافات وڌي ڪر کنيا آهن، اسيمبلي جي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند طرفان پنهنجي ئي پٽي ڀائرن ايڊيشنل سيڪريٽري محمد حبيب سميجو، ايڊيشنل سيڪريٽري محمد طارق مهر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري ايڊمن منور علي راهو کي نامزد ڄاڻائيندي چيف سيڪريٽري سنڌ جيڪو اينٽي ڪرپشن ڪميٽي جو پڻ چئرمين آهي کي 21 آگسٽ 2023 تي هڪ خط لکيو جنهن ۾ ڄاڻايو ته مٿي ٽنهي آفيسرن ملي ڀڳت ڪري سمورن اسيمبلي جي ملازمن جي اونريا ۽ سيشنل الائونس جي مد ۾ اي جي سنڌ جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري 17 ڪروڙ 46 لک 20407 روپين جي رقم ملازمن جي سيلري سلپ ۾ موڪلڻ بجائي سڌواسيمبلي جي  ڊي ڊي او اڪائونٽس ۾ چيڪ جي صورت ۾ جمع ڪرايا ۽ ٽنهي اسيمبلي جي آفيسرن ملازمن کي اهو چئي اڳواٽ پيسا جمع ڪرڻ جو چيو ته اسان اوهان جو انڪم ٽيڪس بچايون ٿا ۽ سئو جي لڳ ڀڳ ملازمن ايڊمن آفيسرن کي في الحال پيسا نه هجڻ سبب ڄاڻائي ايڊوانس چيڪ ڏنا ۽ ڪيترن ئي پڻ روڪ رقم ادا ڪئي اهڙي طرح 18 گريڊ کان مٿي جي ملازمن کان 50 هزار،14 کان 17 گريڊ جي ملازمن کان 40 هزار، 11 کان 13 گريڊ جي ملازمن 20 هزار، 7 کان 10 گريڊ جي ملازمن کان 10 هزار ۽ 3 کان 6 گريڊ جي ملازمن کان پنج هزار روپيا ورتا ويا، جيڪا پڻ اڍائي ڪروڙ روپيا ٿئي ٿي. خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سڌو سئون چيڪ وصول ڪرڻ سبب قومي ناڻي کي انڪم ٽيڪس جي مد ۾ به 25 ملين روپيا نقصان ٿيو آهي، خط ۾ اسيمبلي ٽنهي آفيسرن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.