ڪراچي ۾ ڦرلٽ بعد ڇوڪريءَ کي قتل ڪندڙ جوابدار پاڙيسري نڪتو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي گهر ۾ ڦرلٽ ڪرڻ بعد ڇوڪري کي قتل ڪندڙ جوابدار علائقي جو رهواسي نڪتو ، ڪراچي جي  علائقي پير الاهي بخش (پي آءِ بي) ڪالوني ۾ گهر مان 17 ورهين جي نينگري جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ فهد جي فرياد تي پوليس ٿاڻي پي آءِ بي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪيس شهباز، جنيد، حسن ۽ علي خلاف داخل ڪيو ويو، نامزد جوابدار پاڙي جا رهواسي آهن، فريادي فهد علي جو چوڻ آهي ته جوابدار گهر جو دروازو ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿي ڀيڻ کي قتل ڪري زيور چوري ڪري فرار ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

  • پسند جي شادي جي خواهش، ناري جي وارثن هٿان نوجوان قتل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ رئيس ڳوٺ ۾ ڇوڪريءَ جي وارثن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو  آهي، ذريعن موجب مقتول جي پيءُ جو چوڻ آهي ته سهيل ڇوڪريءَ کي پسند ڪندو هو، جيڪو گذريل مهيني ڇوڪريءَ سان بلوچستان ويو هو، مقتول جي والد جو چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ جي وارثن سهيل کي چيو ته واپس اچو شادي ڪرائينداسين پر واپسي تي گهر جي اڳيان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته پٽ سهيل مستري هو ۽ گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو، هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

  •  پرويز الاهي جي حالتن ۾ سندس خاندان جو وڏو ڪردار آهي: خواجا آصف

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي جنهن صورتحال مان گذري رهيو آهي ان ۾ سندس  خاندان جو وڏو ڪردار آهي. اڄ نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي خواجا آصف چيو ته پرويز الاهي جنهن آزمائشي دور مان گذري رهيو آهي ان سان سندس خاندان جو گهڻو تعلق آهي، مان سمجهان ٿو پرويز الاهي جيڪو اسٽيبلشمينٽ جو حامي آهي.۽ اهڙا بيان به ڏنائين ته سندس جان ڇڏائي وڃي.  پر اهو اثرائتو ثابت نه ٿيو، مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن سندس خاندان پرويز الاهي صاحب جو ساٿ ڏئي ته سندس زندگي آسان ٿي ويندي. نواز شريف کي سيپٽمبر ۾ وطن واپس اچڻو هو پر هو آڪٽوبر جي ٻئي هفتي ۾ واپس ايندو. هن چيو ته نوازشريف لاءِ بهتر هوندو ته هو اليڪشن ويجهو اچي وڃن.

  • ٻارڙين سان لڄالٽ واقعا، وفاق ۽ سنڌ سرڪار جواب ڏين:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ۾ گينگ ريپ ۽ ننڊي نينگرين سان حنسي زيادتي جي واقعن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار  ايڊووڪيٽ طارق منصور اينٽي ريپ ٽرائل اينڊ انوسٽيگشن ايڪٽ2021ع تي عمل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي، عدالت ۾ نادرا ۽ آءِ جي سنڌ پاران جواب جمع ڪرايو ويو، عدالت سنڌ جي گهروکاتي جي سيڪريٽري، وزيراغطم جي پرنسپل سيڪريٽري، قانون کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو، ايڊووڪيٽ طارق منصور چيو ته هي ڪيس وڏو حساس نوعيت جو آهي، جسٽس عرفان سعادت خان رمارڪس ۾ چيو ته اسان لاءِ هرڪيس حساس نوعيت جو هوندو آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.