55 ارب رپين جو نئون شگر اسڪينڊل، لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج ذميوار قرار

اسلام آباد(م ڊ) 55 ارب جو نئون شگر اسڪينڊل، سيڪريٽري فوڊ پنجاب زمان ويٽو چيو آهي ته  شگر مل مالڪن 55 ارب رپيا لٽياطاقتور  شگر مل مالڪن جا سمورا ڪيس هڪ ئي جج آڏو پيش ٿين ٿا،  سمورا فيصلا مالڪن جي حق ۾ – 12 ڪيسن ۾ جج شگر مل مالڪن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ حڪومت، هارين ۽ عوام خلاف فيصلا ڏنا ويا،هن چيو ته  جڏهن اسان ڪمند جي اگهه ۾ واڌ خلاف ايڪشن ورتو ته عدالت پاران اسان جا هٿ بند ڪيا ويا ۽ مل مالڪن کي آزاديءَ سان کيڏڻ جي موڪل ڏني وئي. اسان جا هٿ بند ڪري مل مالڪن اڳيان اڇلايا آهن اسان لاچار آهيون.

  • پي ٽي آءِ، پي ڊي ايم دور جي کنڊ اسڪينڊلن جي جاچ ڪرايو: صحافي

اسلام آباد(م ڊ)سينئر صحافي سليم صافي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم (ٻنهي حڪومتن) ۾ کنڊ جي ايڪسپورٽ جي اجازت ڏيڻ وارن وزيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، کنڊ ايڪسپورٽ ڪندڙ شگر ملن کان قومي  خزاني کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي اگهن ۾ جيڪا واڌ ڪئي وئي آهي اها جبري طور  شگر ملن کان وصول ڪري عوام کي منتقل ڪئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.