ڊالرن جي اسمگلنگ، ذخيره اندوزي ۽ منظم ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت ملڪ ۾ ڊالر جي اسمگلنگ، ذخيره اندوزي ۽ منظم ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري ذريعن مطابق ڊالرن جي اسمگلنگ، ذخيره اندوزي،  منظم ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙن ۽ ان ۾ سهولتڪاري ڪرڻ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي نشاندهي ٿي رهي آهي، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.سرڪاري اختيارين مطابق غيرقانوني، اقتصادي ۽ معاشي سرگرمين ۾ ملوث عنصرن جون مڪمل فهرستون تيار آهن ۽ انهن عنصرن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جاري آهي. فضائي، زميني ۽ سامونڊي رستن جي نگراني جي نظام کي بهتر ڪيو ويو آهي ۽ ڪرنسي ۽ ٻين عام واهپي وارين شين جي غيرقانوني چر پر جي اجازت نه ڏني ويندي. هوڏانهن گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي، ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايتن تي سڄي ملڪ ۾ اسمگلرن خلاف ڪريڪ ڊائون مهم شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته فرنٽيئر ڪور بلوچستان افغانستان ڏانهن کنڊ جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.