پوليس تشدد بعد ڌرڻي ۾ ڪيترائي قافلا پهچي ويا

ڪنڌڪوٽ:ڌرڻي ۾ پوليس پاران لاٺي چارج کان پهريان سئو کان ڍيڍ سئو ماڻهو ڌرڻي ۾ ويٺل هئا جڏهن ته پوليس جي لاٺي چارج بعد ڌرڻي ۾ سوين ماڻهو ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا ۽ لاٺي چارج بعد تنگواڻي،بخشاپور،غوثپور مان قافلا پهچي ويا.

  • هوٽلن،دڪانن ۾ ڀاڄ، ماڻهو پئسا ڏيڻ کانسواءِ کسڪي ويا

ڪنڌڪوٽ:انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي دوران پوليس جي لاٺي چارج شروع ٿيڻ سبب ڌرڻي وٽ روڊ سان قائم چانهن جي هوٽلن ۽ ڪريانه دڪانن تي چانهن ۽ بوتلون پيئندڙ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ماڻهو هوٽل مالڪن ۽ دڪاندارن کي بغير پئسا ڏئي کسڪي ويا جنهن سبب هوٽل مالڪن ۽ دڪاندارن جو ڪافي نقصان ٿيو ۽ پوليس جي لاٺي چارج بعد ڀر سان قائم دڪان بند ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.