نگران وزيراعظم پاران نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي پليٽ فارم تان آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جا سمورا هدف پورا ڪيا ويندا، سمورين يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان عالمي معيار جي تعليم ۽ هنر جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام شعبي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته  سڄي ملڪ ۾ سمورين سرڪاري خدمتن جي ڊيجيٽلائيزيشن ڪئي ويندي، هوڏانهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ڪارپوريشنز جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ٿيو نگران وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هوڏانهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙي وڃي. کيس  هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران سندن ڪارڪردگي ۽ هدفن بابت بريفنگ ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.