ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ھڪ ڏينھن اڳ شھري اتحاد جي سڏ تي سياسي سماجي پارٽين پاران ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۽ مغوين جي آزادي لاءِ ھنيل ڌرڻي جو دھشتگردي ائڪٽ تحت سرڪار پاران اي ايس آءِ علي اڪبر شاھ جي فرياد تي ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي 50 ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ شھري اتحاد جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفيٰ چانڊيو، جماعت اسلامي ميھڙجي امير الياس ڪلھوڙو، سني ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ مولانا منظور چانڊيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي ڪائونسلرن اسماعيل بروھي، رضوان آڳرو ، يو سي ڪائونسلر فتاح شاھ ، نادر چانڊيو ، ڪامران شاهه، هاشم ٻرڙو ، زبير سمون محبوب کوسو، دڪاندار اڳواڻ شير محمد آڳرو، گلشير سوڍر، صابر راڌڻ، اشتياق تنيو، سارنگ، يحييٰ چانڊيو ، ناظم جھتيال سميت 25 سڃاتل ۽ 25 اڻ سڃاتل ماڻھن خلاف داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ فريادي پاران موقف اختيار ڪيو آھي ته ڄاڻايل جوابدارن روڊ بلاڪ ڪري گاڏين جي اچ وڃ ۾ رڪاوٽ وڌي ۽ گاڏين کي ڪراس ڪرڻ کان روڪيو ۽ ڌمڪيون ڏئي دھشت ڦھلائي سرڪاري ڪم ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي وئي.