ڪراچي تين تلوار وٽ سول سوسائٽي جو ٻيهر ڌرڻو، پريا ڪماري ۽ ٻين جي آزادي جي گهر

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي تين تلوار واري هنڌ سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي پاران ڪشمور پوليس خلاف احتجاجن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،ڌرڻي سبب تين تلوار تي ٽرئفڪ بدترين جام ٿي وئي، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين ڪشمور پوليس توڙي پريا ڪماري اغوا  خلاف ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڌرڻي احتجاج ۾ عورتن جو وڏو انگ موجود هو، مظاهرين ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور پوليس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي ڌاڙيلن کي  گرفتار ڪرڻ بدران پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان تشدد ڪري احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هنن چيو ته  ڪشمور جي ايس ايس پي ڳالهيون ڪرڻ بغير ڌرڻي واري هنڌ بلاجواز عورتن ٻارڙن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري انسانيت جا ليڪا لتاڙيا ، جيستائين انصاف نه ملندو تيستائين احتجاج جاري رهندومظاهرين ڪچي جي علائقن ۾ فوج جي نگراني ۾ آپريشن ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف فوج جي نگراني ۾ آپريشن ڪيو وڃي جڏهن ته ايس ايس پي ڏکڻ ۽ لاڳاپيل انتظاميا ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مظاهرين ايس ايس پي توڙي ضلعي انتظاميا سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيستائين نگران گهرو وزير هتي پهچي ڳالهيون نه ڪندو تيستائين احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.