حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي پرامن احتجاجي ڌرڻي تي پوليس ۽ خانگي ماڻھن جي خوني حملي جي شديد مذمت ڪندي ان کي دھشتگردي قرار ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي ته معصوم پريا ڪماري، ساگر ڪمار، نازيه کوسو سميت اغوا ٿيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڌرڻي تي پوليس ۽ خانگي ماڻھن خنجرن ۽ لٺين سان حملو ڪري شعيب ڊومڪي، الطاف شيخ، رحمت الله ڇڄڻ، عاقب محمداڻي، اويز بجاراڻي سميت. قومي عوامي تحريڪ جا 25 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ۽ درجنين کنبي گم ڪري ڇڏيا آھن، اھڙو عمل ڪنھن به ريت برداشت نٿو ڪري سگھجي. اياز لطيف پليجي چيو ته پوليس تشدد ڪري ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين کي ميسيج ڏنو آھي ته اھا سندن سھولتڪار آھي،هن چيو ته پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪومت سنڌ ۾ ڌاڙيلن، سردارن، ڏوھارين کي مضبوط ڪيو،