احتجاج ڏوهه: پني عاقل ۾ به 150 کان وڌيڪ مظاهرين مٿان ڪيس داخل

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل جي قومي شاھراهه تي ٻن تائين مغوي جبار چاچڙ جي آزادي لاءِ ڌرڻو ھڻندڙن مٿان ٻه ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، پنوعاقل ۽ بائجي ٿاڻي تي روڊ بند ڪرڻ ۽ ملڪ خلاف ڀڙڪائڻ جا  قلم ھڻي 150 اڻڄاتل ماڻھن مٿان ٻھ ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون، چونگھا چوڪ تي ٻن ڏينهن تائين مغوي جبار چاچڙ جي آزادي  لاءِ سول سوسائٽي سميت مغوي جي وارثن پاران ڌرڻو ھنيو ويو، ايس ايس پي روحل کوسو پاران ٻن ڏينهن ۾ مغوي جي  آزادي جي مھلت تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو ھو، ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد ڌرڻي ھڻندڙن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ تعلقي بار صدر جمال ناصر بلو چيو ته ايس ايس پي روحل کوسو نامعلوم کي ڳولڻ جي تڪليف نه ڪري اسان پاڻ ٿاڻي تي اينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.