گورنر جي وزيراعظم سان ملاقات،بجلي اگهن تي واپارين جون تجويزون پيش

اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو  اظهار هن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر نگران وزيراعظم کي سنڌ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي جي واپارين ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

  • سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيسن جو انگ 56 هزار 544 ٿي ويو

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيسن جو انگ 54 هزار 965 کان وڌي 56 هزار 544 ٿي ويو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ جي انگ ۾ غير معمولي  اضافو ٿيو آهي، سپريم ڪورٽ 31 آگسٽ کان التوا هيٺ جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ۾ مهيني دوران 1579 التوا هيٺ ڪيسن جي انگ ۾ اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ التوا هيٺ ڪيسن جو انگ 54 هزار 965 مان وڌي 56 هزار 544 ٿي ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ سول پٽيشنز جو انگ 30 هزار 578 تائين پهچي ويو، سول اپيلن جو انگ 9 هزار 875 ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.