پوليس کي سختي رڳو ڌرتي ڌڻين سان ڪرڻي آهي: اي جي پي

حيدرآباد (پ ر) ڪنڌڪوٽ ۾ پر امن ڌرڻي جي مٿان پوليس  جي لٺ بازي ۽ شيلنگ جي مذمت ڪيون ٿا ،اهڙو خيالن جو اظهار عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لعل شاه رشيد سڌايو ادي نظير قريشي وشنو مل ڪليم ملڪ ۽ شير چانڊيو پنهنجي جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ ڪيو،هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي تي پوليس جي ڪاھ ماڻھن کي لٺيون ھڻي رتورت ڪرڻ ئي ته دھشتگردي آهي،ايتري ڏاڍ مڙسي ڪچَي ۾ ڏيکاريو ته مُڙس مَڃَئُون،ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻي مٿان لٺ بازي ڪندڙ اها پوليس اهي اهلڪار ان وقت ڪيئن خاموش هئا جڏهن وزيرستان مان آيل پختونن ڌرڻو هنيو ۽ ڊيره بگٽي مان آيل بگٽين ڌرڻو هنيو،يعني سختي صرف ڌرتي ڌڻين سان ڪرڻي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.