عمران رياض جي بازيابي لاءِ آءِ جي پنجاب کي وڌيڪ 13 ڏينهن جي مهلت

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ اينڪر ۽ صحافي عمران رياض جي بازيابي بابت داخل درخواست تي پنجاب جي آءِ جي پوليس کي وڌيڪ 13  ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد امير ڀٽي، صحافي عمران رياض جي والد محمد رياض جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي آءِ جي پوليس پنجاب عدالت کي آگاه ڪيو ته عمران رياض جي بازيابي جي حوالي سان مون وٽ مثبت معلومات آهي، ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن ۾ خوش خبري ڏني ويندي عدالت اسان کي مهلت ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.