ملڪ ۾ مھانگائي جي طوفان عوام کان وقت سر چونڊن ڪرائڻ واري ڳالھھ ئي وساري ڇڏي آھي. نگران حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي طريقيڪار ۽ ڳالھين مان ھنن جا اردا ظاھر ٿي رھيا آھن.ھي نگران سيٽ اپ آيو تھ چونڊون ڪرائڻ لاءِ آھي پر ان کان وڌيڪ دلچسپي ملڪ جي ٻين سياسي،معاشي ۽ ٻين معاملن ۾ نظر اچي رھي آھي.جنھن سان ھاڻي اھو اندازو ڪرڻ ڪو گھڻو ڏکيو نھ آھي تھ اھي ڇا ٿا چاھين.
اليڪشن ڪميشن توڙي نگران حڪومت چونڊ بابت چٽي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. نگران وزيراعظم ان جي ذميواري اليڪشن ڪميشن تي وجھي رھيو آھي يا ھو سمجهي ٿو ته سپريم ڪورٽ ڪو حڪم ڪندي ته پوءِ ’وقت تي‘ چونڊون ٿي سگهن ٿيون. اليڪشن ڪميشن وٽ وري نئين تڪبندين واري ذميواري گھڻي اھم نظر اچي رھي آھي.ان ڪري ڪو اليڪشن شيڊول ڏيڻ کان پاسيري آهي.نگران حڪومت جو مدو چونڊن سان مشروط آهي. پر قومي اسيمبلي جي مدي پوري ٿيڻ کان اڳ ٽٽڻ جي صورت ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو شرط لاڳو ٿئي ٿو. پر نگران وزيراعظم ان بابت ڪجھھ بھ چوڻ لاءِ تيار نھ آھي.
90 ڏينھن ۾ چونڊن ڪرائڻ بابت ڪيس تحريڪ انصاف ۽ ڪجهه ٻيون ڌريون سپريم ڪورٽ کڻي تھ ويون آهن، پر ملڪ ۾ فعال رھندڙ عدليھ ۾ تاحال ان معاملي تي ڪا به غور ڪرڻ لاءِ بھ تاريخ مقرر ناهي ٿي سگھي.جيستائين عدليھ کي غور ڪرڻ جو وقت ملندو تيسين شايد وقت واري جيان ھٿن مان نڪري چڪو ھوندو.
قومي اسيمبلي ختم ٿيڻ کي هڪ مهينوکن ٿي ويو آھي. اڃا اهو ئي بحث هلندڙ آهي ته چونڊن جو فيصلو ڪير ڪندو ؟ جنھن جي ذميواري کڻڻ جي لاءِ ڪا بھ ڌر تيار نھ آھي.نگران وزيراعظم موجب سپريم ڪورٽ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي تھ سڀ قبول ڪندا.ايتري قانون جي پوئواري سمجھه ۾ اچي پئي تھ نگران وزيراعظم پر آئيني عدالت جي حڪم کي حتمي قرار ڏئي پيو ، پرخود آئين جنھن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون منعقد ڪرڻ جو ڄاڻايل آھي ان تي ”منجھيل“ آھي.
1988کان ھن وقت تائين نگران سيٽ اپ جوڙي احتساب جي ڳالھھ ڪئي ويندي آھي پر ان سان ڪا بھ بھتري تھ نھ ٿي آھي.رھندو ڪجھھ مخصوص ڌرين کي نشانو بڻائي ڪري انھن کي چونڊ عمل ۾ شامل ٿيڻ کان ھيسائڻ جي ڪوشش ٿي آھي.ھر دور جي پنھنجي گھرج آھي پر ماضي حال سان ئي حال مستقبل سان لاڳاپيل ھوندا آھن.تاريخ جو ڦيٿو ابتو نٿو ڦري سگھي پر ملڪ جي اڪابرن کي اھو گھڻو دير سان سمجهھ ۾ ايندو آھي. ملڪ جي سياسي ،معاشي ۽ آئيني بحران کي ڪا چونڊيل حڪومت ئي ختم ڪرڻ جي مجاز آھي ان ڪري جو ملڪ جو عوام ان کي اھڙو مينڊيٽ ڏئي ٿو. ھن وقت جن پروگرامن ۾ ھٿ وڌو پيو وڃي ان سان اھو خطرو پيدا ٿي رھيو آھي تھ نگران سيٽ اپ کي شايد ڪجهھ اڳتي ڌڪيو وڃي،جنھن سان ملڪ ۾ بحران وڌندو ان ڪري ملڪ جي اختيارين کي فوري طور تي چونڊون ڪرائي اھي سمورا ڪم ايندڙ حڪومت کي سونپڻ گھرجن اھو ئي آئين طور طريقو آھي. جيڪڏھن ڪنھن بھ ريت ان کان انحرافي ڪئي ويندي تھ ھن وقت عام ماڻھو اڳي ئي مھانگائي،بدامني ۽ بيروزگاري جي ڪري ڪاوڙيل آھي،جنھن جا ڪجھھ منظر تازو بجلي جي بلن ۾ ٿيل واڌ بعد پيدا ٿيل غصي جي صورت ۾ نظر آيا ھئا.ماڻھون فقط بجلي جي بلن سبب ٻاھر ناھن نڪتا پر ھڪ وقت کان ملڪ جي معاشي حالت ماڻھن کي ايئن ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي.
ملڪ جي اڪابرن ۽ اختيارين کي آئين موجب چونڊن ڪرائڻ ۽ ان بعد مسئلن جي حل جو ذمو ايندڙ حڪومت کي ڏيڻ گھرجي جيئن اھي عوامي مينڊيٽ سان انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ٻي صورت ۾ نگرانن جي اوٽ ۾ ڪنھن بھ ھاءِ برڊ، ٽيڪنوڪيٽڪ يا وري نيم يا اڻ سڌي مارشل لا لاءِ کي ھاڻي شايد ملڪ جا ماڻھو قبول نھ ڪندا، ان ۾ ڪنھن بھ زور زبردستيءَ جو ڪنھن بھ ريت ڪو مثبت نتيجو پڻ نھ نڪرندو.
-
حڪومت ٻڌائي ته ٻيا مغوي ڪڏھن بازياب ٿيندا ؟
سنڌ ۾ مغوين کي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائڻ جي لاءِ تحريڪ جاري آھي، لڳ ڀڳ سڄي سنڌ جو ماڻھو مغوين سان ھمدردي ڪري ميدان تي نڪري آيو آھي.ڪشمور سميت ڪيترن ئي ھنڌن تي روز احتجاجي مظاھرا، ڌرڻا ۽ شٽربند ھڙتال ٿي رھي آھي.
سنڌ ۾ ھلندڙ احتجاج بابت ڪجهھ منفي خبرون پڻ ميڊيا جون زينت بڻجي رھيون آھي.جنھن ڪري ممڪن آھي تھ ان ۾ ڪجھھ فرق ٿيو ھجي پر ان ھوندي بھ عام ماڻھون ھن ٻرندڙ ۽ اھم معاملي تي جنھن ھمت جو مظاھرو ڪيو آھي ان سان ھڪ نئين صورتحال ۽ نئين سياسي جدوجھد جو جو بنياد پئجي رھيو آھي.
ھئڻ تھ ائين گھرجي جو جڏھن سموري سنڌ ۾ سماجي دشمن ناسو ڌاڙيلن ۽ بدامني خلاف ايڏي وڏي پئماني تي ٿيندڙ احتجاج جو سنڌ حڪومت کي نوٽس وٽي ڪري،سمورين مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي لاءَ حڪمت عملي جوڙي انھن جي پاڙي پٽڻ گھرجي ھا پر ھن وقت تائين حڪومت ڪنھن بھ قسم جو تحرڪ نھ ورتو آھي.جنھن سان ماڻھن ۾ سوين سوال پيدا ٿي رھيا آھن.
اھو ھڪ نج سماجي مسئلو آھي. ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ اھو چيو ويو آھي تھ ھر شھري برابر آھي، ھر شھري جي جان مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ وقت جي حڪومت جو فرض آھي، اھي ماڻھون ڪنھن بھ سياسي ايجنڊا تحت ميدان ۾ موجود ناھن.ان ڪري ھن احتجاج ۽ ڌرڻن کي ڦٽائڻ جي ڪنھن سازش ڪرڻ بجاءِ اختيارن کي فوري طور تي ماڻھن سان رابطو ڪري، ڌاڙيلن وٽ موجود مغوين کي بازياب ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن جو تفصيل ڏيڻ گھرجي . ماڻھن کي حڪومت اھو بھ ٻڌائي تھ انھن جي اغوا ٿيل مائٽن کي ڪڏھن بازياب ڪرايو ويندو ؟ ٽي مغوي بازياب ٿي ڪري پھتا آھن، پر انھن بابت پڻ پوليس کي اھو چٽو ٻڌائڻ گھرجي تھ اھي ڌاڙيلن کان ڪيئن ڇڏايا ويا ؟
ھڪ انسان کي اغوا ڪرڻ واري عمل سان رڳو اھو ھڪ نھ پر سڄي ڪٽنب ان سان گڏ ڀوڳي ٿو. ان ڪري حڪومت ماڻھن کي امتحان ۾ وجھڻ بجاءِ سامھون اچي ڪري معاملي کي منجھائڻ بجاءِ سڌو ڪري ڏئي.