رڳو هڪ ڪلو اٽي جي صدا آهي

تحرير: سڪندر چنو

جڏهن توهان ڪنهن کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاريو ٿا ۽ سڄو ملڪ ان جي حوالي ڪرڻ کان اڳ ان جو برين واش به ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي تربيت به ڪئي ويندي آهي. ان کي ائين سڀ ڪجهه سيکاريو ويندو آهي جيئن ننڍڙي ٻار کي والدين تربيت ڪندا آهن ۽ ان کي پروٽوڪول جا آداب به سيکاريا ويندا آهن. ايتري قدر جو ان کي سندس جي اختيارن بابت به سمجهايو ويندو آهي.

بحرالحال ملڪ هن وقت ان بحري ٻيڙيءَ جيان سمنڊ جي وڏين لهرن جي لوڏن ۾ ڦاسي پيو آهي بلڪل ائين پاڪستان به معاشي توڙي سياسي لوڏن ۾ آهي. پاڪستان جو روپيو دنيا جي بدترين ڪرنسي سان مقابلو ڪري رهيو آهي. هن وقت پاڪستان جي ڪرنسي سري لنڪا کان به وڌيڪ بدتر ٿي چڪي آهي. سري لنڪا جي ڪرنسي پاڪستان جي ڪرنسي کان به بهتر ٿي چڪي آهي. نگران وزير اعظم هڪ Yes Man آهي. ان جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي. ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به گردش ڪري رهيون آهن ته وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي پنهنجن ويجهن دوستن توڙي فيملي ميمبرن صلاح ڏني آهي ته موجوده حالتن پٽاندڙ اقتدار جي ڪرسي کي الوداع يعني وزارت اعظميٰ جي عهدي تان استعفي ڏيئي گهر هليو وڃي ڇاڪاڻ ته ملڪ جون معاشي ۽ سياسي صورتحال سندس سياست ۽ عزت کي ٻوڙي ڇڏيندي. روزانه ملڪي معيشت ٻڏي رهي آهي. ۽ پاڪستان خطرناڪ سمنڊي لهرن جي ور چڙهي ويو آهي ڪنهن به وقت ٻڏي سگهي ٿو. ملڪ ۾ بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون عوام جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن. دنيا ۾ اڪثر ڪري ملڪ نگرانن جي حوالي ڪيا ويندا آهن. پر پاڪستان ۾ قانون تي ڪوبه عمل نٿو ڪيو وڃي

پاڪستان جو عوام گذريل ٻن سالن کان وٺي مايوس ۽ بي چين آهي هن وقت عوام ۾ غصي جي باهه ڀڙڪي رهي آهي غريب ماڻهو هاڻي هڪ ويلي جي ٽڪر لاءِ ترسي رهيو آهي ۽ هاڻي جيئڻ لاءِ ماڻهو موجوده حڪمرانن کان هڪ ڪلو اٽي لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي. اڳوڻن ڪرپٽ حڪمرانن ڪرپشن وسيلي حاصل ڪندڙ پئسو معاف ڪرايو آهي. ملڪ جو عوام حڪمرانن کان وڏي آواز ۾ مطالبو ڪري رهيو آهي ته اسان جو سائفريا توشه خانا سان ڪجهه به نه وڃي خدارا! ملڪ مان مهانگائي کي ختم ڪيو وڃي. عوام کي هڪ ويلي لاءِ هڪ ڪلو اٽو ڏنو وڃي.

اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته پرنس محمد بن سلمان جو هي 6 ڪلاڪن جو پاڪستان ۾ ترسڻ وڏي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ڇاڪاڻ ته موجوده سياسي توڙي معاشي حالتون انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي چڪيون آهن اهيو به ممڪن آهي ته محمد بن سلمان جي دوري کان پوءِ پاڪستان جي سياسي حالتون ڪافي حد تائين بهتر ٿي وينديون ۽ معاشي حالتن لاءِ به چڱائي جي اميد رکي پئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ڀارت وٽ هن وٽ نيٽ ڪيش 906 ارب ڊالر موجود آهن ۽ پاڪستان وٽ نيٽ ڪيش صرف 5 ارب ڊالر موجود آهن. مسلم ملڪ جن ۾ سعودي عرب، ترڪي، عرب امارات، افغانستان، ايران  قطر، عمان، بحرين ۽ ڪويت چاهن ٿا ته ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جيڪو ايٽمي ملڪ آهي مضبوط هجي معاشي توڙي سياسي حوالي سان. پاڪستان جي ڪمزوري کي پوري مسلمان ملڪن جي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ قدرتي وسيلا اڻ کٽ آهن پر انهن مان ڪنهن به حڪمران فائدو حاصل نه ڪيو آهي.

هن وقت پاڪستان ۾ بلوچستان ۾ 500 ارب ڊالرن جو سون موجود آهي جنهن کي چين جي ڪمپني ڪڍي رهي آهي. ان کان علاوه ڪي پي ڪي ۾ 600 ٽريلن ڊالرن جو ڪاپر پيو آهي ان کان علاوه ٿر ۾ ڪوئلي جو وافر مقدار هجڻ جنهن ۾ 2 فيصد اڇو سون پڻ موجود آهي ۽ هن وقت سنڌ جي ٿر جي ڪوئلي مان وافر مقدار ۾ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جيڪا مٽياري جي نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ جمع ٿي رهي آهي ان کان علاوه ڪي پي ڪي ۾ 500 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سلفر موجود آهي. ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران ملڪ ۽ عوام سان سچا ۽ مخلص نه رهيا آهن. پرنس محمد بن سلمان پاڪستان قيادت تي زور ڏيندو ته هو ملڪ مان سياسي خلفشار کي ختم ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري آخرڪار پاڪستان ڪيترو دنيا کان پني ملڪ هلايو ويندو.

هن وقت پاڪستان ۾ خوني انقلاب جي چڻنگ آهستي آهستي ٻري رهي آهي ۽ ناڪام نگران حڪومت وري هڪ ڀيرو ٻيهر آئي ايم ايف کان قسط وٺڻ جي باداشن ۾ بجلي، گئس ۽ پيٽروول جا وڌائي ڇڏيا آهن جنهن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن جو صبر هڪ دم جواب ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ جيڪا بجلي مهنگائي جي حوالي سان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج هلي رهيا آهن پوءِ انهن ۾ شدت سان اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ ماڻهو ارجنٽائن عوام جيان دڪانن ۽ هر اداري مان ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪندا. ۽ پوءِ عوام بي قابو ٿي ويندو.

19 هين تاريخ کان وٺي نگران وزيراعظم آمريڪا جي دوري تي اسهندو. نگرانين ۾ عوام جون ڪافي اميدون هيون پر سڀ جو سڀ ناڪام ۽ ناڪارو ٿي ويون آهن. هن وقت عوام في الحال دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ٻاهر روڊن تي نڪتل آهي. عوام مشڪل زندگيءَ کي آسان ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. پر صورتحال مان لڳي ٿو ته عوام جنهن دڳ تي نڪري چڪو آهي هاڻي واپس ٿيڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. هاڻي ڏينهون ڏينهن عوام جي ڏکيائين ۽ اهنجن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته بجلي ۽ پيٽرول جي ٻيهر قيمتن وڌڻ کان پوءِ هرشيءِ وري مهانگي ٿي وئي آهي. هن وقت کنڊ اڍائي سئو روپيه في ڪلو وڪامجي رهي آهي. اٽو 170 کان مٿي ۽ باقي روزمره جون شيون عام ماڻهوءَ کان پري آهن. ٿيندو ته آخرڪار ملڪ جو ٿيندو ڇا؟ اهو سوال هر ماڻهوءَ جي وات تي آهي. پاڪستان هاڻي ٽائيٽينڪ بڻجي ويو آهي ۽ آهسته آهسته معاشي طور ٻڏي ئي رهيو آهي. شوبازو شريف ملڪ کي لٽي ٻاهر نڪري ويو آهي. هاڻي ملڪي حالتن جي آثارن مان لڳي ٿو ته جلد ملڪ جي صورتحال تبديل ٿيندي. ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ غصي کي ڪا ٻئي قوت پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي ڪجهه ماڻهن کي ڪابه پريشاني يا ڳڻتي نه آهي. ۽ ڪجهه ماڻهن لاءِ بجلي جي بلن بابت ڪا به معنيٰ نه آهي. اهي پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهين تي سس پس ڪندي ٺهڪ ڏيئي رهيا هئا ۽ اهي بجلي بلن کي باهه ڏيندي ڪاوڙ بدران کلي رهيا هئا. ڄڻ ماڻهن جي غصي کي ڪنهن جواز ۾ تبديل ڪيو ويندو.

وزيراعظم ڀلي بجلي جي بلن ۾ گهٽ تائي به ڪري پر مظاهرا هاڻي رڪجڻ وارا ناهن. ۽ روز بروز مظاهرن ۾ شدت ايندي ويندي. هن وقت ملڪي حالتن مان لڳي رهيو آهي ته ڪو خوني انقلاب ڀڙڪي اٿندو. آمريڪا آئي ايم ايف هٿان پاڪستان کي دنيا جي نقشي تان مٽائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ چاهي ٿو ته پاڪستان جي ايٽمي اثاثن کي پڻ ختم ڪيو وڃي. ڀارت چنڊ تي پهچي ويو پاڪستان معاشي ۽ سياسي ڌٻڻ مان نڪري نٿو سگهي. تازو ڀارت پاڪستان کي مفت بجلي ڏيڻ جي آڇ ڪندي پاڪستان جي حڪمرانن جي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حالتون ارجنٽائن کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون ماڻهو سري عام واهي جي شين جي دوڪانن تان ڦرلٽ به ڪري سگهن ٿا. ارجنٽائن ۾ مهنگائي جي ماريل ماڻهن سري عام دوڪانن تان ڦرلٽ ڪرڻ لڳا آهن ۽ دوڪاندارن پنهنجي حفاظت خاطر هٿيار رکي ڇڏيا آهن. پاڪستان جون حالتون به ان طرح جيان نظر اچي رهيون آهن. آصف زرداري ڪجهه وقت اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ 100 ارب ڊالرن جي جيڪا حام هنئين هئي. اها حام اسٽيبلشمينٽ ۽ ملڪ جي واپاري طبقي جي چئوگرد گهمي رهي آهي. ايندڙ حڪومت ان کي ملندي جيڪو پنهنجي ذاتي خرچ تي ملڪ کي ڪجهه مهينا هلائي سگهي. عوام جي ڏکن سور کان بي نياز طبقو چاهي ٿو ته هڪ تيز ترين انقلاب اچي ۽ هڪ جواز پيدا ٿئي ماڻهون ان جواز لفظ ۾ به راضي آهن صرف ماڻهن کي رليف ملي. پر هميشه ٿيندو ائين آهي ته انقلابي انقلاب آڻيندا آهن ۽ ان ۾ ڪجهه وقت به گهربل هوندو آهي ۽ انقلاب جو هڪ نقشو سندن ذهنن ۾ چٽيل هوندو آهي. هاڻي به وقت آهي ته ڪرپشن ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪري. نيب کي آزاد ۽ فعال ڪيو وڃي ته جيئن لٽيل اربن روپين جو ناڻو ڪرپشن ڪندڙن کان واپس ڪرائي ملڪي خزاني ۾ جمع ڪرائي. ۽ حڪومت کي گهرجي ته حالتن کي گهرو ويڙهه طرف نه ڌڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.