ڍولڪ جي فن سان تعلق رکندڙ استاد محرم فقير جون خدمتون تعريف جوڳيون رهيون آهن. فقير محرم جو والد ، سنڌ توڙي هند ۾، تمام گهڻو مشهور رهيو.محرم مڱڻهار جي پيدائش، سجاول ضلعي جي شهر ميرپور بٺورو لڳ، ڳوٺ احمد خان زنئور ۾ ٿي.استاد محرم ننڍپڻ کان وٺي ڍولڪ جو شوقين رھيو. ڍولڪ نواز فقير محرم جو چوڻ آهي ته هونئن ته سڄي سنڌ ۾ اسان جي سڃاڻپ راڄ جي مڱڻهار فقيرن جي حيثيت سان آهي. دهل اسان جي نه صرف سڃاڻپ آهي، پر روزگار پڻ آهي، ميرپور ساڪري جي محمد سرندائي سان به ڪئين ڀيرا ڍولڪ وڄائڻ جو شرف حاصل ڪيو اٿس.
ڍولڪ ساز کي دهل جي ٻي صورت چئي سگھجي ٿو. ڍولڪ کي ’پڪواز‘ به چوندا آهن. هي ڍولڪ سنڌ ۾ ڪافي، ڪلام، نيم ڪلاسيڪل راڳ وقت سنگت ۾ وڄايو ويندو آهي. ڍولڪ جي بناوٽ به دهل جهڙي ئي ٿئي ٿي. ڍولڪ کي به دهل وانگر ٻه پاسا ٿيندا آهن، پر دهل جو آواز وڏو ۽ ڍولڪ جو آواز ماٺو ٿئي ٿو. ڍولڪ کي طبلي جي جاءِ تي به ڪتب آڻي سگھجي ٿو. ڍولڪ دهل کان سائيز ۾ ڪافي ننڍو ٿيندو آهي. هن ۾ ڪاٺ جي ٺهيل اکري يا نريءَ کي ٻنهي پاسن کان ٻڪريءَ جي کل مان ٺهيل ٻه گول پڙا چاڙهي، ٻنهي پڙن کي وڏي رسيءَ جي مدد سان مڙهيو ويندو آهي.فقير، ڍولڪ جا سڀئي سر تال رواني سان ٻڌائيندو آهي. جهڙوڪ : ڍولڪ مان طبلي وانگر ڪيترائي ٻول ادا ڪري سگھجن ٿا. مثال طور: ڌا- ڌن- ڌي- ڌٽ، ڪڙ، ڪٽ،ڪت، وغيره.
سنڌ ۾ ڍولڪ جي وڄت عام آهي ۽ سنڌ جا ڀلوڙ ڍولڪ نواز هن فن وسيلي ملڪان ملڪ مشهور آھن۔فقير فن سان بي انتها محبت ڪندڙ آهي. سندس والدين سندس شوق ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا هئا.
استاد محرم جيڪو پنهنجي والد کان متاثر ٿي موسيقي جو شوق رکي ڍولڪ وڄائڻ تي تمام گهڻو ناز ڪندو آهي. اڪثر آس پاس توڙي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پروگرام ٿيندا هئا ته اتي پهچي فنڪارن سان سنگت جوڙي ڍولڪ وڄائيندو هو. هن جي ڍولڪ وڄائڻ جو ايترو ته انداز بهترين هوندو آهي جو ڪو به فنڪار سنگت ڪندو هو ته انهيءَ کي ڍولڪ جي ڪا به ڪمي محسوس نه ٿيندي هئي. کيس استاد ڪري چوندا هئا. هن جي شوق نيٺ ڪاميابي ماڻي. جو ننڍو توڙي وڏو فنڪار به چاهيندو هو ته استاد محرم سان ڍولڪ تي فن جو مظاهرو ڪريان.
استاد خاص طور تي سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيجي الهه وسائي سان به ڍولڪ وڄائيندو هو. ان سان گڏ مشهور فنڪارن، ثمينه ڪنول، الهه ڏنو جوڻيجو، قض بانو، جلال چانڊيو، اياز گل استاد محمد جمن جو پٽ ، استاد انور ڪڇي ،استاد راشد حيدري ،تاج مستاني سميت ٻين وڏن فنڪارن سان ڍولڪ وڄائي وڏو داد حاصل ڪيو.
محرم فقير انهن استادن مان هڪ آهي، جنهن ڪيترا ئي ڀلوڙ شاگرد پيدا ڪيا آهن.محرم فقير هر وقت دوستن جي محفل ۾ نظر ايندو رهيو ۽ اسان سمجهون ٿا ته ڍولڪ استاد کان سواءِ ڪابه محفل اڻ پوري لڳندي آهي. مير پور بٺورو ۾ جيڪي به ننڍا توڙي وڏا پروگرام ٿيندا هئا ته انهيءَ جي اڳواڻي استاد محرم فقير جي هوندي هئي.
سال 2015ع کان بيماري سبب استاد جي صحت خراب رهندي پئي اچي، مائٽن پاران غربت سبب علاج نه ڪرائڻ ۽ بهترين کاڌ خوراڪ نه هئڻ ڪري ڏاڍو ڪمزور رهي ٿو .پنهنجي غربت ۽ بي وسي جو ذڪر ڪندي روئي ڏئ ٿو.
سو سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهڙن سنگيت ڪارن جي مالڪي ڪري سندن فن کي زنده رکيو وڃي، هي زنده رهندا ته سنڌ جو صوفياڻو ، لوڪ ،ڪلاسيڪل فن زنده رهندو. هي فنڪار سنڌ جو ورثو آهن انهن جي پوءِ واري ڪرڻ گهرجي ۽ قدر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪمزور هئڻ سبب آهستي آهستي سڀ ڪم سندس هٿ مان نڪرندا ويا.ھن وقت هو ننڍن وڏن شهرن جي روڊن رستن تي ڍولڪ وڄائي گذر بسر ڪرڻ تي مجبور آهي۔