چترال ۾ فوجي چوڪين تي حملا، 12 دهشت گرد مارجي ويا، 4 جوان شهيد

چترال(م ڊ) پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته 6 سيپٽمبر 2023 تي جديد هٿيارن سان ليس دهشتگردن جي هڪ وڏي ٽولي چترال ضلعي جي جنرل ڪيلاش واري علائقي ۾ پاڪ-افغان سرحد جي ويجهو پاڪستاني  فوج جي ٻن پوسٽن تي حملو ڪيو.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب جوابي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 4 پاڪستاني فوجي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب افغانستان جي نورستان ۽ ڪنڙ صوبن جي علائقن ۾ دهشتگردن جي چرپر جي اڳ ۾ ئي نشاندهي ٿي چڪي هئي ۽ اها ڄاڻ وقت تي عبوري افغان حڪومت سان به شيئر ڪئي وئي هئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب بهادر سپاهين بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ حملن کي ناڪام بڻائيندي دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهچايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.