ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز صحت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري کيس صوبي ۾ دوائن جي کوٽ ۽ دوائن جي ڪمپني مالڪن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ دوائن جي کوٽ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي جيڪو اڃا تائين حل ناهي ٿيو. هن چيو ته مختلف بيمارين جون دوائون يا ته مريضن ٽ دستياب ناهن يا وري مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو فوري طور تي دوائن جي کوٽ ۽ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني مالڪن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ڊاڪٽر سعد خالد نياز کي سمورا مسئلا جلد حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو