لاهور(م ڊ)مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ حمزا شهباز جو هڪ ڀيرو ٻيهر سمورين سياسي پارٽين سان 10 سال معاشي رٿائن جي دستاويزن تي متفق ٿيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان ڪيترو ئي وقت وڃائي چڪا آهيون اليڪشن جي شفافيت تي آڱريون نه اُٿڻ گهرجن اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ يومِ دفاع پاڪستان جي مناسبت سان مناوان ۾ شهداء يادگار تي حاضريءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اتحادي حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام کي ٽريڪ تي آندو جڏهن تاريخ لکي ويندي ته ملڪ جي سالميت کي بقا بخشڻ ۾ سڀني جو ڪردار لکيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن اڄ ڪالاباغ ڊيم ٺهي وڃي ها ته 10 لک ايڪڙ ايراضي آباد ٿئي ها، آبادگار خوشحال ٿئي ها، جيڪا به پارٽي اليڪشن ۾ کٽي اقتدار ۾ اچي ان کي پابند ڪرڻ گهرجي ته ان کي 10 سال واري منصوبي جي تسلسل کي برقرار رکڻو آهي