راڻيپور، اسد شاهه جي ڊرائيور جو ڪيس به اي ٽي سي منتقل

راڻيپور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ گرفتار ٿيل مک جوابدار اسد شاھ جي ڊرائيور اعجاز قاضي جو ڪيس به دهشتگردي  ٽوڙ عدالت منتقل ٿي ويو، مبينا طور قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ مک جوابدار اسد شاھ جي ڊرائيور اعجاز قاضي کي پوليس جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد راڻي پور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جتي پوليس جي آئي او پاران کيس جي وڌيڪ رمانڊ جي گھر ڪرڻ ۽ اي ٽي سي جا قلم لڳو ڪرڻ بعد جوڊيشنل مائجسٽريٽ راڻيپور جي عدالت پاران سندس جو ڪيس اي ٽي سي (دھشتگردي ٽوڙ) عدالت خيرپور ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. جنھن بعد جوابدار اعجاز قاضي کي اڄ اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور پيش ڪيو ويندو. واضح رھي ته سندس مٿان مک جوابدار بي بي حنا شاھ ۽ سندس پيءَ پير سيد فياض شاھ کي پنھنجي گاڏي ذريعي کين کي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪرڻ جو ڪيس داخل اٿيس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.