لاڳيتو چار ڏينھن کان سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان جي بارڊر ديراموڙ وٽ لڳل ڌرڻو 96 ڪلاڪن ۾ ختم ڪيو ويو، سنڌ جي اصلوڪي وارثن سنڌي ھِندُن تاريخ ۾ پھريون دفعو ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت ڏيندي تاريخ سنواري ڇڏي، اڄ شھيد ھيمون ڪالاڻي ۽ روپلو ڪولھي جو روح به خوشي وچان جھوميو ھوندو. سندس جي بھادري ۽ فراخ دلي ڏسي.
ياد رھي ته ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ مسلسل چار مھينن کان رياست جي ساٿارين توڙي بااثرن جي آشيرواد سان ضلعي اندر ھٿرادو ماحول خراب پئي ڪيو ويو! جو آئي ڏينھن ڦُرون، ڌاڙا، وارداتون، معصوم ٻالڪ توڙي وڏن کي کڻڻ وارو معاملو اسانجي ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ روز جو معمول آھي بنجڻ لڳو! يا کڻي ائين چئجي اسان جو ضلعو (ڌاڙيل اسٽيٽ) سان گڏوگڏ (اغوا انڊسٽريءَ) ۾ به سڀ کان اڳڀرو رھيو آھي. ايترو ظُلم و جبر جو ھِتان جو عوام ڪنڌڪوٽ جي ڏينهون ڏينهن ماحول خراب ٿيڻ ڪارڻ بِرُ ٿي ڪنڌڪوٽ کي ڪري الوداع! ڪراچي يا پاڪستان جي ٻين شھرن جو رُخ پيا ڪن. جڏھن ته نه رياست نه ئي رياست جا ساٿاري ھتان جا چونڊيل نمائندا توڙي با اثر ۽ پوليس وارا پنھنجي ضلعي جي عوام جي نه ڪا مالڪي پيا ڪن نه ئي سار سنڀال پيا لھن. سو سنڌ جي اصلوڪي وارثن سنڌي ھندن روز روز جي ڏوھن ۽ وارداتن کان بِرُ ٿي چار مھينن کان بعد روڊن رستن تي نڪري ھڪ آواز بڻجي پنھنجي ضلعي جي امن امان بحال ڪرڻ خاطر نڪري پيا! پنھنجن پيارن جي بازيابي لاءِ ضلعي جي امن امان بحال ڪرڻ خاطر، ياد رھي ته مسلسل چار ڏينھن کان ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ ھرتال جاري و ساري آھي. جڏھن ته غوثپور، ڪرم پور، توڙي خانپور ۾ به سنڌ جي اصلوڪي وارث سنڌي ھندن جي ھرتال ھلندي پئي اچي، ۽ سنڌ جي ٻين مختلف شھرن ۾ پڻ ڌرڻا ۽ احتجاج پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي ڏسڻ وٽان نظر پيا اچن. ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مسلسل چار ڏينھن واري ڌرڻي ۾ ويٺل ڌرتي ڌڻين جو مک موقف ۽ ڊمانڊ ڪھڙي آھي؟ جڏھن ته ھن ڌرڻي جي اڳواڻي ۽ شروعات سنڌ جي اصلوڪي وارثن سنڌي ھِندن ڪئي آھي، ۽ سندن جو مطالبو آھي ته اسان جي ضلعي ۾ مخي جگديش ڪمار، جئه ديپ ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ کي جيتري تائين ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب نه ڪيو ويندو، تيستائين اسين ڌرڻو جاري رکندا سون. ڌرتي ڌڻين جي پھرين ڪاميابي ڌرڻي جي ٻئي ڏينھن تي نظر آئي، جو گڊو ڪالوني جي ايم ايس ڊاڪٽر منير نائچ ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي ويو. ۽ ڌرتي ڌڻين جي ٽين ڪاميابي ڌرڻي جي ٽئين ڏينھن ڏسڻ ۾ آئي، جو مُخي جگديش ڪمار ۽ معصوم جئه ديپ به ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي ويا. ياد رھي ته مخي جگديش ڪمار جي وارثن چاليهھ لک پوليس کي پڻ ڏنا ھئا! سندس جي بازيابي لاءِ پر مُخي جگديش ته واپس ڪيو ويو پر اڃان تائين ڀنگ ۾ ورتل چاليھ لک پوليس ڌاڙيلن کان واپس ڪونه ڪرايا آھن؟ پر اڃا به ساگر ڪمار ڌاڙيلن وٽ قيد آھي! ڌرڻي ۾ موجود ساگر ڪمار جي امڙ روئي دانھن ڏئي رھي ھئي ته منھنجي جگر جي ٽڪري کي آزاد ڪريو الله ۽ رسول صه جا واسطا پڻ ڏئي رھي ھئي ڌرڻي ۾ موجود ڌرتي ڌڻين جي اکين ۾ لڙڪ ھئا ساگر ڪمار به جلد بازياب ٿي ويندو.
پر وري بعد ۾ با اثرن جا پاليل رھزن ڌاڙيل اسان جي ضلعي ۾ وري ڪنھن غريب مسڪين يا سنڌ جي اصلوڪي وارثن سنڌي ھندو ڀائرن کي ڏينھن ڏٺي جو کنڀي کڻي ويندا! يا ڏوھ، ڦرون ڪندا ان لاءِ ڌرتي ڌڻين کي گھرجي ته ڌرڻو تيستائين جاري رکن جيتري تائين ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جو امن امان ساڳو بحال نه ڪيو وڃي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته با اثرن توڙي سندن جي واٺن جي دٻدٻي ۾ ڌرتي ڌڻين ڌرڻو چوٿين ڏينھن رات جو يارنھن بجي ڌرڻو ختم ڪيو!
ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي امن امان بحال ڪرڻ خاطر ۽ وڌندڙ بدآمني خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج جا جوھر ڏيکاريا آھن، سو ڌرتي ڌڻين کي گذارش آھي ته پنھنجي جنھن مک مشن لاءِ ڌرڻي جي شروعات ڪئي اٿو سو مين مشن ۾ ڪامياب بنجي ڌرڻي کي ختم ڪريو ھا پر افسوس اسٽيبلشمنٽ جي پاليل با اثرن جي چوڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو جڏھن ته ساگر ڪمار جي بازيابي کان اڳ ڌرتي ڌڻين کي ڌرڻو ختم نه ڪرڻ گُھرجي ھا..