جڏهن ڪمزور، امن پرست ماڻھوءَ کي انصاف نه ٿو ملي ته ان جو آخري حل احتجاج ۽ ڌرڻو آھي۔ بنيادي طور تي پر امن احتجاج جو حق هر انسان کي حاصل آھي۔ ان ڪري اڪثر مهذب معاشرن ۾ مختلف اندازن سان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو آھي۔ ڪشمور مان جڏهن امن جو پکي رسي وڃي ٻيو ڪو ديس وسايو تڏهن ڪشمور واسين به احتجاج ۽ ڌرڻي کي پنهنجي بقا جو آخري وسيلو سمجهيو۔
ڪجھه مهينن کان وٺي ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ڦرون ڌاڙا زندگي جو حصو بڻجي ويا آھن۔ روڊ رستا آفيسون دڪانون ۽ چؤدڳيون ڏوهارين لاءِ ڄڻ ته اڪ جي ماکي جيان پئي لڳيون جتان وڻي اتان ماڻھو کنيو هليا پيا وڃن۔ ڪشمور ۾ ڏوهارين جي وارداتن ۾ ڏيهون ڏينهن اضافو ٿيندو پئي ويو۔ بدامني ماڻھن کي نفسياتي مريض ڪري ڇڏيو آھي۔ هر ڪو پنهنجي گهرن تائين محدود رهجي ويو۔ خوف جي اهڙي ته فضا جڙي وئي جو ماڻھو ماڻھو کان خوف پيو کائي۔
سو بدامني کي بنياد بڻائي تبديلي جو هڪ سٺو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ چوندا آھن ته ڀاڳيا گڏ هجن ته همتي به طاقتور ٿي ويندا آھن۔ اسان سڀني ڏٺو ته ديرا موڙ جي دنگ تي مغوين جي وارثن پاران ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو۔ ديرا موڙ کان تبديلي جي جيڪا لاٽ ٻري ان سڄي سنڌ کي منور ڪري ڇڏيو۔ سنڌ ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان باشعور ۽ باضمير ماڻھن پنهنجي گهر جي عيش عشرت ڇڏي روڊ ۽ رستن تي اچي ويا۔ اصل ۾ مون جيڪو هن ڌرڻي ۾ ڏٺو اهو آهي ته سنڌ جو شعور ڄاڳي پيو جن بنا ڪنهن ڀت برادري ڏٺ ويٺ جي هڪ ٻئي جي درد کي محسوس ڪندي روڊ رستا بند ڪيا آھن۔
منهنجي نظر ۾ انسان هميشه ٽن شين جي ڳولا ۾ هوندو آھي انهن ۾ عزت نفس، رزق ۽ تحفظ شامل آھن۔ جيڪڏهن غور ڪري ڏسون ته انهن مان جيڪڏهن هڪ شيء به نه هجي ته انسان سڪون سان نه ٿو رهي سگهي۔ مثال طور ڪنهن انسان کي زر دولت جام هجي تحفظ به مليل هجي پر سندس عزت نفس کي بار بار مجروح ڪجي اهو شخص اتان لڏي هليو ويندو ايئن رزق ۾ ڪمي هجي تڏهن به انسان اتي ويهڻ پسند نه ڪندو۔ ائين کڻي چئجي زر دولت به جام هجي اکين تي به ويهاريو وڃي پر جان و مال محفوظ نه هجي تڌهن انسان اتان تمام گهڻو پري هليو ويندو آھي.
سو هن وقت اهڙي صورتحال ڪشمور جي به آھي جتي ڪنهن به طبقي جو ڪو به فرد محفوظ ناهي۔ ڪشمور ضلعو نج قبائلي ضلعو آھي جتي قبائلي سوچ تمام گهڻي آھي اسان وٽ اڪثر برادري جي وڏي جي هر جائز ناجائز ڳالھه کي اڄ به حرف آخر سمجهيو ويندو۔ جئين ته ڪشمور ضلعي ۾ سرداري نظام لاڳو آھي ان ڪري اڪثر ڪري قبيلائي جهيڙا به عام آھن. انسان کي ناحق مارڻ ڪو مسئلو ناهي صرف سندس تعلق مخالف برادري سان هجي۔ جنهن جي تازي مثال ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل ۽ مٿان وري هڪ ٻي استاد نورالاهي سندراڻي کي رستي تي ماري ڦٽي ڪرڻ قاتلن لاءِ ڪا وڏي ڳالھه نه هئي ويتر علم جي لاٽ کي گل ڪرڻ کان پوءِ خوشي ۾ فائرنگ پڻ ڪئي وئي ايئن لڳو پئي ڄڻ انهن فاسق قاتلن ڪا وڏي جنگ فتح ڪئي هجي۔
بهرحال هن وقت ڪافي قبيلائي جهيڙا ھلن ٿا جن ۾ ڌرين جا ڪونڌر به ڪسجي ويا آھن پر انهن خوني جهيڙن جا جيڪڏهن پيرا کڄن ته ڪو وڏو معاملو نه پر ڪا معمولي ڳالھه هوندي۔ اڪثر انهن جهيڙن جو ڪارڻ مال چارڻ ، پاڻي جو وارو يا وري فصل جي ڀيل وغيره مطلب ته هر ان ڳالھه تي ماڻھو کي ماريو وڃي ٿو جنهن کي مهذب معاشري ۾ درگذر ڪيو ويندو آھي۔ جڏهن قبائلي جهيڙا عروج تي هوندا ماڻھن تي ڪوڙيون سچيون ايف آءِ آرز ڪرائي کين روپوشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو۔ اهي ساڳيا ماڻھو وري اهڙو گس پيا وٺن جيڪي سماج لاءِ ناسور بڻجي وڃن ٿا۔ انڪري اهي ٿوري وقت ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو ڪمائڻ جي ڪنهن کي به بخش نه ٿا۔
مفاد پرست هميشه موقعي جي تلاش ۾ هوندا انڪري اهي مفاد پرست ماڻھو پنهنجي مفادن ڪاڻ کين ڳرا هٿيار وڏي قيمت ۾ کپائي پنهنجو کيسو ڀريوڻ وڃن ۽ باقي سڄي علائقي کي رت جي درياهه ۾ اڇلي پيا ڇڏين۔ بهرحال ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ هڪ صنعت جي صورت اختيار ڪري چڪو آھي۔ 80 ڪلاڪن کان پوءِ ظاهري ۽ باطني قوتن نيٺ ڌرڻو ختم ڪرايو ويو