اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي پاور ڪميٽي جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته ماڻهو سول نافرماني جي طرف وڃي رهيا آهن، نيپرا ۽ پاور ڊويزن غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.سينيٽ جي پاور ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بجلي جي بلن ۾ تازي واڌ واري معاملي تي غور ڪيو ويو.ڪميٽي اجلاس ۾ سيڪريٽري پاور ۽ چيئرمين نيپرا جي عدم شرڪت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيئرمين نيپرا کي فوري طور طلب ڪري ورتو.چيئرمين ڪميٽي سيف الله ابڙو چيو ته ٽيرف عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، نيپرا چيئرمين غير سنجيدگي ڇو ڏيکاري رهيو آهي.رابطا ڪميٽي جي ميمبرن چيو ته هن وقت عوام بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف سراپا احتجاج آهي، ملڪ سول نافرماني طرف وڃي رهيو آهي، نيپرا ۽ پاور ڊويزن بي ڌياني جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.