حليم عادل شيخ جي گرفتاري بابت درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦليوٽو ۽ جسٽس ڪوٽرسلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ تحريڪ  انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاري جي حوالي سان داخل درخواست تي گهروکاتي جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ، ايس ايچ او پريڊي ۽ ايس ايچ او فيروزآباد ٿاڻي کي نوٽيس جاري ڪري 12 سٽيمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو،درخواستگذار جي وڪيل انورمنصورخان چيو ته هن ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو هو، هڪ ڪيس ضمانت ورتي وڃي ٿي ته ٻئي ڪيس ۾ ان کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو.

 

خانگي اسڪول رجسٽرڊ ناهي، ضلعي انتظاميا واقعي تي قانوني ڪارروائي ڪري: رعنا حسين

ملير: ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ عورتن سان زيادتي جي الزام هيٺ آيل اسڪول جي پرنسپال جي گرفتاري بعد تعليم واري  نگران صوبائي وزير رعنا حسين چيو آهي ته خانگي اسڪول رجسٽرڊ ناهي، ضلعي انتظاميا واقعي تي قانوني ڪارروائي ڪري، تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين ڊي سي کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته خانگي اسڪول ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي ڀرپور جاچ ڪئي وڃي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ملير جي ٽيم اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم نذير ابڙو جي سربراهي ۾ آءِ جي ايم اسڪول سسٽم پهچي اسڪول کي سيل ڪري ڇڏيو ان دوران جاچ آفيسر علي اصغر ابڙو ۽ سندس ٽيم پڻ موجود هئي.

والاريل ڪشمير ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي تصوير وارا پوسٽر لڳي ويا

 

سرينگر (م ڊ ) غير قانوني طورتي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ 6 سيٽمبر تي يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي پاڪستاني فوج جي سربراهه جنرل سيد  عاصم منير جي تصوير جا پوسٽر لڳايا ويا آهن . ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سرينگر جي مختلف علائقن ۾ يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي پوسٽر لڳايا ويا آهن پوسٽرن تي لکيل آهي ته “ اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ڪشميري عوام کي انهن جو حق ملندو “

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.